Surah Al Maun

Book Name:Surah Al Maun

ڏينهن اهو يتيم ٻار اگهاڙي بدن سان ان وٽ آيو ۽ پنهنجو مال ان کان گهريائين، ان تي ابو جهل بدبخت ويچاري يتيم کي ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو.

ان تي قريش جي ٻين سردارن ان يتيم کي چيو: تون محمدِ(مصطفٰي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ) وٽ وڃ! هو تنهنجي مدد ڪندا. قريش جي ٻين سردارن ته هيءَ ڳالھ مذاق طور چئي هئي، انهن جو مقصد هو ته هي يتيم ٻار محمد ( صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ) کان مدد گهرندو، هُو هن جي مدد نه ڪري سگهندا. پر انهن کي ڪهڙي خبر....!! اهي ربِّ ڪائنات جا محبوب آهن، اهي هڪ اَبرو(ڀرونءَ) سان اشارو ئي فرمائي ڇڏين ته دنيا هيڏانهن کان هوڏانهن ٿي سگهي ٿي.

غم و رَنْج و اَلَم اور سب بلاؤں کا مداوا ہو                                                                         اگر وہ گیسوؤں والا مرا دِلدار ہو جائے

اشارہ پائے تو ڈوبا ہوا سورج برآمد ہو                                                                                    اٹھے انگلی تو مہ دو بلکہ دو دو چار ہو جائے[1]

  جن جي اشاري سان لٿل سج موٽي اچي، آڱر کڻن ته چنڊ 2 ٽڪرا ٿي وڃي، ڇا انهن جي چاهڻ سان هڪ يتيم ٻار جو ڏُک ختم نه ٿي سگهندو پر ڪافرن کي ڪهڙي خبر حبيبِ خُدا جو مَقام...!!

   خير اهو ئي يتيم ٻار پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ پنهنجي فرياد پيش ڪيائين. پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان ٻار کي گڏ وٺي فوراً ابوجهل جي گهر تشريف وٺي ويا. قريش جا سردارَ ته هي سمجهي رهيا هئا ته ابوجهل آڪڙ ڏيکاريندو، معاذَالله! رسولِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گستاخانه ورتاءُ اختيار ڪندو پر هي ڇا...!! ابو جهل جيئن ئي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏٺو ته ادب سان ڀليڪار چئي ڪري سندن استقبال ڪيو ۽ فوراً ئي يتيم جو مال


 

 



[1] سامانِ بخشش ،صفحہ:172-174 ملتقطًا۔