Book Name:Surah Al Maun
محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
2 فرامينِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! (1): جيڪو مريض جي عيادت ڪندو آهي، اهو جنّت جي باغن ۾ ويهندو آهي، جڏهن اهو بيهندو آهي ته 70 هزار ملائڪ رات تائين ان جي لاءِ دعا ڪندا آهن.[2] (2): جنهن به سٺي طريقي سان وُضُو ڪيو پوءِ ثواب جي نيّت سان پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي عِيادت ڪئي ته ان کي جهنّم کان 70 سالن جي فاصلي تائين پري ڪيو ويندو.[3]
اي عاشقانِ رسول! بيمار جي عِيادت ڪرڻ سنّتِ مصطفٰي بلڪه سنّتِ انبياء آهي نبين جي نبي رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عادتِ ڪريمه هئي ته ڪنهن صحابي (رَضِىَ اللهُ عَنْه) جي بيمار هجڻ جي اطلاع ملندي هئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي عيادت جي لاءِ تشريف وٺي ويندا هئا جيڪڏهن ڪو شخص 3 ڏينهن مسجد کان غائب رهندو هو ته پاڻ ان جي متعلق ماڻهن کان پڇندا هئا، جيڪڏهن اهو بيمار ٿيندو ته ان جي عيادت فرمائيندا[4] ۽ عيادت جي لاءِ جيڪڏهن مديني شريف جي آخري ڪناري تائين به وڃڻو پوندو هو ته تشريف وٺي ويندا ۽ پنهنجي صحابه (رَضِىَ اللهُ عَنْهم) جي عيادت فرمائيندا.[5] مشهور مُفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ اخلاقن مان آهي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر امير ۽ غريب جي گهر بيمار کي پڇڻ جي لاءِ تشريف وٺي
[1] تاریخ ِ مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔
[2] شعب الايمان، مریض کی عیادت کا باب،جلد:6، صفحہ:531،حديث:9171۔
[3] ابو داؤد ،کتاب:جنائز ، باب :وضو میں عیادت کی فضیلت، صفحہ: 500، حدیث:3097۔
[4] مسند ابی یعلی، جلد:3، صفحہ: 141، حدیث: 3429۔
[5] مسلم،كتاب: جنائز، مریض کی عیادت کا باب ،صفحہ:331، حدیث:925خلاصۃً۔