Book Name:Surah Al Maun
حديثِ پاڪ ۾ آهي: بيشڪ جهنّم ۾ هڪ وادي آهي جنهن کان جهنّم روزانو 4 سؤ ڀيرا پناھ گهرندو آهي، الله پاڪ اها وادي امّتِ محمديه جي انهن رياڪارن جي لاءِ تيار ڪئي آهي جيڪي قرآنِ پاڪ جا حافظ، غيرُ الله جي لاءِ صدقو ڪرڻ وارا، الله پاڪ جي گهر جي حاجين ۽ راھِ خُدا ۾ نڪرڻ وارا هوندا.[1]
بچا لے رِیا سے بچا یاالٰہی! تُو اِخلاص کر دے عطا یاالٰہی!
رياڪاري جي تباھ ڪارين جي متعلق تفصيلي معلومات ۽ ان جا علاج ڄاڻڻ جي لاءِ اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو ڪتاب نيڪي جي دعوت صفحي: 63 کان 106 پڙهي وٺو! الله پاڪ اسان کي رياڪاري جي آفت کان بچڻ، هر نيڪ ڪم صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
پيارا اسلامي ڀائرو! قيامت جو انڪار ڪرڻ وارن جو چوٿون ۽ آخري وصف جيڪو سورت ماعون ۾ بيان ٿيو، اهو هي ته
وَ یَمۡنَعُوۡنَ الۡمَاعُوۡنَ (۷) (سيپارو: 30، سورت ماعون: 7)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ گهريلو استعمال جون معمولي شيون به نه ٿا ڏين.
ماعون جي معنٰي آهي: عام استعمال جي معمولي شيءِ. مطلب هي آهي ته منافقين ايترا ڪنجوس، بي حِس ۽ لاپرواھ آهن جو جيڪڏهن ڪو انهن کان