Book Name:Surah Al Maun
فرمائن ٿا: علمِ دين کان دوري ۽ جهالت جي سبب عام طور خاندانن ۾ ورثو ناهي ورهايو ويندو اڪثر وارثن ۾ يتيم ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به شامل هوندا آهن ۽ ماڻهو بي ڌڙڪ انهن يتيمن جو مال کائيندا پيئندا ۽ هر طرح سان استعمال ڪندا آهن حالانڪه هي سڀ ناجائز آهي ۽ ان جي طرف ڪنهن جي توجھ ئي ناهي ويندي. ياد رکو! ميت جي وارثن ۾ جيڪڏهن ڪو يتيم هجي ورثو ورهائي يتيم جو حصو الڳ نه ڪيو وڃي تيستائين ان ۾ ميت جي ايصالِ ثواب جي لاءِ صدقو ۽ خيرات وغيره به نه ٿا ڪري سگهون. سيپارو: 4 سورت نساء جي آيت نمبر 10 ۾ خُداءِ رحمٰن جو فرمانِ عاليشان آهي:
اِنَّ الَّذِیۡنَ یَاۡکُلُوۡنَ اَمۡوَالَ الۡیَتٰمٰی ظُلۡمًا اِنَّمَا یَاۡکُلُوۡنَ فِیۡ بُطُوۡنِہِمۡ نَارًا ؕ وَ سَیَصۡلَوۡنَ سَعِیۡرًا (۱۰)
(سيپارو: 4 سورت نساء: 10)
ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي ظلم ڪندي يتيمن جو مال کائيندا آهن اهي پنهنجي پيٽ ۾ بلڪل باھ ڀريندا آهن ۽ عنقريب اهي ماڻهو ڀڙڪندڙ باھ ۾ ويندا.
هن آيتِ مبارڪ جي حوالي سان مشهور مُفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن يتيم جو مال پنهنجي مال سان ملائي ڪري کائڻ (ڪيئي صورتن ۾) حرام ٿيو ته الڳ طور تي کائڻ به ضرور حرام آهي. هن مان معلوم ٿيو ته يتيم کي هبه (يعني تحفو) ڏئي سگهون ٿا پر ان جو تحفو نه ٿا وٺي سگهون. هي به معلوم ٿيو ته وارثن ۾ جنهن جا يتيم به هجن ان جي ورثي مان نياز، ختمو خيرات ڪرڻ حرام آهي ۽ ان کاڌي جو استعمال حرام. پهريان مال ورهايو پوءِ بالغ وارث پنهنجي مال مان خيرات ڪري.
وڌيڪ فرمائن ٿا: جڏهن ميت جا وارث يتيم يا غائب هجن ته گڏيل مال مان ان جي خيرات وغيره حرام آهي جو ان ۾ يتيم جو حق شامل آهي بلڪه پهريان تقسيم ڪاري ڪيو پوءِ ڪو بالغ وارث پنهنجي حصي مان هي تمام