Book Name:2 Khatarnak Bhediya

پنهنجي فضل سان عطا ڪيو ته ان ۾ بخل ڪرڻ لڳا ۽ منهن ڦيري ويا.   (پارہ:10،سورۂ توبہ:75-76)

 الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي مال جي محبت جو نقصان آهي....!  سرورِ عالم، نورِ مُجسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُن لالچي منافق کي سمجھايو ته ٿورو مال جنهن جو تون شڪر ادا ڪري سگھين، ان گھڻي مال کان بهتر آهي، جنهن جو تون شڪر ادا نه ڪري سگھين. پر اُن کي ڪا ڳالهه سمجھ ۾ نه آئي، ان دنيا جي مال کي پسند ڪيو، افسوس! اهو ئي شخص جيڪو ڏينهن رات جو گھڻو حصو مسجد ۾ گذاريندو هو، جنهن کي حَمَّامَۃُ الْمَسْجِد (يعني مسجد جو ڪبوتر) چيو ويندو هو، مال جي محبت ان جي دل تي ڇانئجي وئي، ان جي دل مان ايمان جو نُور وسامي ويو ۽  ان جي دل ۾ منافقت جي باهه ڀڙڪي اٿي...!! الله پاڪ فرمائي ٿو:

فَاَعْقَبَهُمْ نِفَاقًا فِیْ قُلُوْبِهِمْ اِلٰى یَوْمِ یَلْقَوْنَهٗ

ترجمو ڪنزُالعرفان: پوءِ الله انجام جي طور تي ان ڏينهن تائين انهن جي دلين ۾ منافقت وجهي ڇڏي جنهن ڏينهن اهي ان سان ملندا.پارہ:10،سورۂ توبہ: 77)

يعني مال جي محبّت جي سبب ان منافق ڪنجوسي ڪئي، زڪوٰة ڏيڻ کان انڪار ڪيائين، ان وعدو ڪيو هو ته رَبّ ڪريم مون کي مال عطا فرمايو ته مان ان جا حقَ ادا ڪندس، ان وعدي جي خلاف ورزي ڪئي، الله ۽ رسول جي حڪم کان منهن موڙيائين ته ان کي سزا ملي جو ان جي دل ۾ منافقت گھر ڪري وئي. ([1])

منافقن جو هڪ بُرو طرز عمل

هن آيتِ ڪريمه جي حوالي سان تفسيرِ صراط الجنان ۾ آهي: اُن شخص جي طرز عمل (Behavior) کي سامهون رکي ڪري اسان پنهنجي حالات تي غور ڪيون، اسان مان به ڪيترا ئي ماڻهو اهڙا آهن جن وٽ مال ناهي هوندو،


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:10، سورۂ توبہ، تحت الآیۃ: 77، جلد:10، صفحہ:488خلاصۃً۔