Book Name:2 Khatarnak Bhediya

حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: شُحٌّ (يعني مال جي گهڻي محبّت) ۽ ايمان ڪنهن ٻانهي جي دل ۾ جمع نه نٿا ٿي سگهن. ([1])

مال  گڏ ڪرڻ ۽ ڳڻي ڳڻي ڪري رکڻ وارن جي مذمت

سيپاري:30، سورة ھُمَزَه، آيت 2 کان 9 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي  ٿو:

ترجمو ڪنزالعرفان:  جنهن مال گڏ ڪيو ۽ اُن کي ڳڻي ڳڻي رکيو. اهو سمجهي ٿو ته ان جو مال ان کي (دنيا ۾) هميشه رکندو. هرگز نه، اهو ضرور ضرور ذرو ذرو ڪرڻ  واري ۾ اڇليو ويندو. ۽ توکي  ڪهڙي خبر جو اها ذرور ذرور ڪرڻ واري ڇا آهي؟ اها الله جي ڀڙڪايل باھ آهي. اها جيڪا دلين تي چڙهي ويندي . بيشڪ اها انهن تي بند ڪئي ويندي. ڊگهن ڊگهن ٿنڀن سان.

ھنن آيتن جي حوالي سان تفسير صراط الجنان ۾ وضاحت ڪئي وئي آھي، ان جو خلاصو ڪجھ ھن ريت آھي ته اھو شخص جيڪو حرام ذريعن سان مال گڏ ڪندو آھي، پنھنجي مال مان شرعي حقَ ادا ناھي ڪندو، مال گڏ ڪرڻ ۾ ايترو مشغول ٿي ويندو آھي جو آخرت کي وساري ئي ويھندو آھي، اھڙو شخص ڇا اھو سمجھي ٿو ته ان کي دنيا ۾ ھميشه رھڻو آھي، ڇا ان جو مال کيس موت کان بچائي وٺندو جو ان جي ڀروسي تي ھي مال جي محبت ۾ مست رھي ٿو، نيڪ عملن ڏانھن لاڙو نٿو ڪري؟ نه....؟ ايئن ھرگز نه ٿيندو بلڪه اھو ضرور ضرور جھنّم جي ذرا ذرا ڪندڙ طبقي ۾ اڇليو ويندو، جتي باھ ان جون ھڏيون پاسراٽيون ڀڃي ڇڏيندي ۽ توھان ڇا ڄاڻو اھا ذرا ذرا ڪري ڇڏيندڙ ڇا آھي؟ اھا الله پاڪ جي ڀڙڪايل باھ آھي جيڪا ڪڏھن ٿڌي نه ٿيندي۔ ھي باھ جسم جي ظاھري حصي کي به ساڙيندي ۽ جسم جي اندر پهچي ڪري دل کي به ساڙي ڇڏيندي، بيشڪ مال جي اھڙن حريصن کي باھ ۾ وجھي دروازا بند ڪيا ويندا۔ الامان والحفيظ! الامان والحفيظ!

بھائیو!ہر دم بچو تم حُبِّ جاہ و مال سے               ہر گھڑی چوکس رہو شیطان کی اِس چال سے


 

 



[1]...نسائی، کتاب الجہاد،  صفحہ:505، حدیث:3108۔