Book Name:2 Khatarnak Bhediya

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

ٻه خطرناڪ بگهڙ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ  (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

دُرُود شريف جي فضيلت

      الله پاڪ جي پياري ۽ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن ڪتاب ۾ مون تي دُرود پاڪ لکيو ته جيسيتائين منهنجو نالو اُن ۾ لکيل رهندو، ملائڪ لکڻ واري جي لاءِ بخشش جي دُعا ڪندا رهندا. ([1])

عجب کرم ہے کہ خود مُجْرِمُوں کے حامی

وہ پرچہ جس میں لکھا تھا درود اس نے کبھی گناہگاروں کی بخشش کرانے آئے ہیں

یہ اس سے نیکیاں اس کی بڑھانے آئے ہیں([2])

وضاحت: هي ڪهڙو نرالو ڪرم آهي جو سرورِ عالم، نورِ مُجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قيامت جي ڏينهن پنهنجي گنھگار اُمتين جي بخشش ڪرائڻ پاڻ تشريف آڻيندا، هڪ روايت جي مطابق هڪ شخص دُنيا ۾ هڪ ڪاغذ تي دُرود لکيو هوندو، سرورِ عالم نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُن جو لکيل هي دُرود پاڪ هن جي نيڪين واري پڙَ ۾ رکي ڇڏيندا، جنهن جي برڪت سان نيڪين وارو پڙ وزندار ٿي ويندو ۽ ان گنهگار جي بخشش ٿي ويندي.

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...معجم اَوْسط، جلد:1، صفحہ:497، حدیث:1835۔

[2]... سامانِ بخشش، صفحہ:93-94 ملتقطاً۔