Book Name:2 Khatarnak Bhediya

ڪنداسين...!! افسوس! ان وقت ڪٿي منھن لڪائينداسين...!! ڪاش! اسان دنيا جي نه بلڪه آخرت جي عزَّت چاھڻ وارا بڻجي وڃون۔

مفت جي تعريف

سيپاري: 4، سورة اٰلِ عمران، آيت:188 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:.

ترجموڪنزالعرفان: هرگز گمان نه ڪيو انهن ماڻهن جو جيڪي پنهنجي عملن تي خوش ٿيندا آهن ۽ پسند ڪندا آهن ته انهن جي اهڙن ڪمن تي تعريف ڪئي وڃي جيڪي انهن ڪيا ئي ناهن، انهن کي هرگز عذاب کان پري نه سمجھو ۽ انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي

 تفسير صراط الجنان ۾ آھي: ھن آيت ۾ ان جي لاءِ وعيد آھي جيڪي حب جاھ، يعني عزت، تعريف ۽ شھرت جي حاصل ڪرڻ جي تمنا ۾ مبتلا آھن، جيڪو چاھي ٿو ته ماڻھو منھنجا شيدائي ٿين، ھر زبان منھنجي تعريف ۾ تَر ھجي، سڀئي منھنجي ڪمالات جو اعتراف ڪن، مون کي ھر جڳھ عزت سان نوازيو وڃي، مان عالم نه آھيان، پوءِ به مون کي علامه صاحب چيو وڃي، مون کي ملڪ ۽ قوم جو خدمت گذار، قوم جو محسن قرار ڏنو وڃي، ماڻھو جھڪي ڪري مون کي سلام ڪن، منھنجو تعارف (Introduction) بھترين لقبن سان ٿئي، اھڙي شخص کي گھرجي ته پنھنجي دل تي غور ڪري، ڪٿي ھو حُبِّ جاھ جو شڪار ته ناھي ٿي ويو، جيڪڏھن ايئن ھجي ته ھن آيت مان سبق حاصل ڪري ۽ هڪدم حُبِّ جاھ جي آفت کان ڇوٽڪاري جي ڪوشش ڪري۔ ياد رکو! حُب جاھ جو مريض آخرت جي انعامن کان محرومي جو شڪار ھوندو آھي، جنھن سبب دل ۾ منافقت وڌندي آھي، اھڙو شخص دل جي نورانيت کان محروم ٿي ويندو آھي ۽ ان جي دين ۾ خرابي اچي ويندي آھي ۽ ان سان گڏوگڏ اھڙو شخص ذِلَّت ۽ رسوائي، دلي سڪون جي بربادي ۽ اخلاص جي دولت کان محرومي جو شڪار به ٿي سگھي ٿو۔ ([1])

آخرت ۾ عيبن جي تشهير ٿيندي


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:4، سورۂ آلِ عمران، تحت الآیۃ:188، جلد:2، صفحہ:116-117 بتغیر قلیل ۔