Book Name:2 Khatarnak Bhediya

پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ دين کي ڦهلائڻ جھڙي ڪم ۾ مصروف آھي، نيڪ نمازي بڻجڻ، ظاھري ۽ باطني گناھن کان پاڻ کي بچائڻ، فڪرِ آخرت ماڻڻ ۽ الله ۽ رسول جي محبت سان دل کي آباد ڪرڻ جي لاءِ توھان به دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ به خوب اڳتي وڌي حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم ! دنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ 12 ديني ڪمن مان ھڪ ديني ڪم ھفتي وار مدني مذاڪرو به آھي۔

 الحمدُ لِله! شيخِ طريقت، اميرِ اھلِ سنَّت حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه ھر ھفتي تي عشاء جي نماز کان پوءِ مدني چينل تي براھِ راست (Live) مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن يعني سڄي دنيا مان عاشقانِ رسول طرفان پڇيل سوالن جا علم ۽ حڪمت سان ڀرپور جوابَ ارشاد فرمائيندا آھن۔ توھان به مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪيو ۽ ڍير ساريون نيڪيون ڪمايو! اچو! ترغيب جي لاءِ مدني مذاڪري جي ھڪ مدني بھار ٻڌون ٿا:

ٻارَ به نمازي بڻجي ويا

تعلقي تَله گنگ (ضلع چڪوال، صوبي پنجاب پاڪستان) جي ھڪ اسلامي ڀاءُ جو چوڻ آھي: پھريان مان معاشري (Society) جو وڏو بگڙيل انسان ھيس، سگريٽ، چرس، شراب جيڪو ملندو ھو ان ڏانھن ھٿ وڌائيندو ھيس، ھڪ ڀيري مون تي ڪرم ٿي ويو ۽ مون رمضانُ المبارڪ جا روزا رکڻ شروع ڪري ڇڏيا، روزانو رات جو مدني چينل تي مدني مذاڪرو به ڏسڻ نصيب ٿي ويو، اميرِ اھلِ سنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جي حڪمت ڀرين ڳالھين منھنجي دل تي اھڙو اثر ڪيو جو زندگي ۾ انقلاب اچي ويو، الحمدُلِله! مون گناھن کان سچي توبه ڪئي ۽ چھري تي ڏاڙھي شريف سجائي ورتي، پنج ئي نمازون مسجد ۾ باجماعت ادا ڪرڻ لڳس، مون کي نماز پڙھندي ڏسي منھنجو پُٽ جنھن جي عمر 12 سال ۽ منھنجي ڌي جنھن جي عمر 10 سال آھي انھن به