Book Name:2 Khatarnak Bhediya

ويهندو آهي، قَبرون ڏسي ڪري به عبرت ناهي وٺندو، مطلب؛ دِل ۾ ايمان جو نور  گهٽ ٿي وڃي ته اهڙي حالت ٿي ويندي آهي جو

بجھی عشق کی آگ اندھیر ہے                      مسلماں نہیں راکھ کا ڈھیر ہے

 هاڻ اهي ڪهڙيون شيون آهن جيڪي دل ۾ ايمان جي نُور کي گهٽ ڪنديون آهن؟ اچو! انهن مان 2 نهايت خطرناڪ (Dangerous) ۽ انتهائي نقصان ڪار شين جي باري ۾ هڪ سبق آموز حديث ٻڌون ٿا:

ٻه خطرناڪ بگهڙ

 جيئن ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَا ذِئْبَانِ ضَارِبَانِ تَاْتِیَا فِیْ غَنَمٍ غَابَ رِعَاءُھَا بِاَفْسَدَ لِلنَّاسِ مِنْ حُبِّ الشَرْفِ وَ الْمَالِ لِدِیْنِ الْمُؤْمِنِ([1])  هن حديث جو خلاصو هي آهي ته مثال طور ٻڪرين جو هڪ ڌڻ آهي، تنهن جو رکوال يا ڌنار (Shepherd) ڪيڏانهن هليو ويو هجي، ٻڪريون بلڪل اڪيليون، بي يارو مددگار آهن، اهڙي صورت ۾ 2 بگھڙ جيڪي بکايل به هجن، انهن کي سخت بُک لڳل هجي، اهي جيڪڏهن ٻڪرين جي اُن ڌڻَ تي حملو ڪري ڇڏين ته ڪيتري تباهي مچائيندا؟ کائڻ لاءِ ته شايد هڪ بگھڙ هڪ ئي ٻڪري کي کائي سگھندو پر ٻڪرين جو رکوال موجود ناهي، بگھڙن کي ڪو خطرو ڪونهي، اهو بلڪل بي خوف ٿي ڪري ٻڪرين تي حملو (Attack)  ڪندا، نه ڄاڻ  ڪيترين ٻڪرين کي زخمي ڪري وجھندا ۽ نه ڄاڻ  ڪيتريون ٻڪريون   هلاڪ ڪري  وجهندا.

مطلب ته هي بکيا بگھڙَ! ٻڪرين جي ڌڻ کي جيترو نقصان پهچائيندا، جيتري تباهي مچائيندا، مال ۽ جاھ (يعني شرف ۽ عزَّت) جي محبت اهي خطرناڪ بگھڙَ آهن، جيڪي اُنهن بکين بگھڙَن کان به وڌيڪ  انسان جي دِين ۾ تباهي مچائيندا آهن.


 

 



[1]...مجموع رسائل ابن رجب حنبلی، جلد:1، صفحہ:63۔