Book Name:2 Khatarnak Bhediya

دعوتِ اسلامی کی قَیُّوم، سارے جہاں میں مچ جائے دُھوم

اس پہ فِدا ہو بچہ بچہ یااللہ! مری جھولی بھر دے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہ عَلٰی مُحَمَّد

      پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانھن آڻيندي سنَّت جي فضيلت ۽ چند آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شھنشاھِ نبّوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنھن منھنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنھن مون سان محبت ڪئي اھو جنت ۾ مون سان گڏ ھوندو۔([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!               جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

عمامي شريف جون سنتون ۽ آدابَ

فرمانِ آخري نبي، رسولِ ھاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : پٽڪو ٻَڌو توھان جو حلم وڌندو. ([2])

پيارا اسلامي ڀائرو پٽڪو بيھي ٻڌو ۽ پاجامو ويھي ڪري پايو * جنھن ان جي ابتڙ ڪيو (پٽڪو ويھي ڪري ٻڌو ۽ پاجامو بيھي ڪري پاتو) اھو اھڙي مرض ۾ مبتلا ٿيندو جنھن جي ڪا دوا ناھي (يعني طبيبن کي به اُن دوا جو علم ناھي) * پٽڪو ٻڌڻ کان پھرين سٺيون سٺيون نيتون ڪيو ھڪ به سٺي نيت نه ھئي ته ثواب نه ملندو * مناسب اھو آھي ته پٽڪي جو پھريون وَرُ سڌي پاسي وڃي * الله پاڪ جي آخري رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پٽڪي مبارڪ جو شملو پشت (يعني پُٺي مبارڪ) جي پويان ھوندو ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن سڌي پاسي، ڪڏھن ٻنھي ڪلھن جي وچ  ۾ ٻه شملا ھوندا ھئا * کاٻي پاسي شملو


 

 



[1]...تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2]...مستدرک، کتاب اللباس، جلد:5، صفحہ:272، حدیث:7488۔