Book Name:2 Khatarnak Bhediya

انور جي سامھون آھي) ان جي به ڪجھ ماڻھو سيلفي بڻائي رھيا ھوندا آھن، اھڙا بيباڪ به آھن جو سيلفي جي شوق ۾ مَواجَھي شريف ڏانھن پٺي ڪري سيلفي ڪڍندا آھن، افسوس! ڪاش...!! اسان جو ھي ذھن بڻجي وڃي ته سفرِ حرمين سيلفي بڻائڻ جي لاءِ نه بلڪ  ثواب ڪمائڻ جي لاءِ ھوندو آھي۔

 بھرحال! شھرت جي لاءِ نه ڄاڻ ماڻھو ڪھڙا ڪھڙا خطرناڪ ڪم ڪندا آھن، مال خرچ ڪندا آھن ۽ نه ڄاڻ ڇاڇا ڪرڻو پوندو آھي، الله پاڪ اسان کي شھرت جي محبت کان محفوظ فرمائي۔ يقين ڄاڻيو! حُبِّ جاۡھ (يعني شھرت ۽ عزت جي محبت) سخت نقصان ڪار آھي۔

آخرت ڪنھن جي لاءِ آھي

سيپاري 20 سوره قصص، آيت:83 ۾ الله فرمائي ٿو:

ترجمو ڪنزالعرفان: هي آخرت جو گهر آهي اسان انهن جي لاءِ ڪندا آهيون جيڪي زمين ۾ تڪبر نه چاهيندا آهن ۽ نه فساد.

يعني آخرت جو گھر جنت ان جي لاءِ آھي جيڪو زمين ۾ غلبو ۽ وڏائي نٿو چاھي، نه گناھ ڪري زمين ۾ فساد پکيڙي ٿو. ([1])مسلمانن جو چوٿون خليفو اميرالمؤمنين حضرت عليُ المرتضيٰ شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائي ٿو: جيڪو ماڻھو اهو چاھي ته منھنجي بوٽ جي ڪَھِي ٻين جي بوٽ کان افضل ھجي، اھو به ھن آيت جي حڪم ۾ داخل آھي۔ ([2])

 الله اڪبر! جوتي جي ڪھي ته پري جي ڳالھ اسان وٽ ته ھر ھر ڳالھ ۾ مقابلو ڪيو ويندو آھي، منھنجو بوٽ اھڙو ھجي جو ماڻھو ڏسي واھ واھ ڪن، منھنجا ڪپڙا اعليٰ قسم جا ھجن، منھنجي گھر جھڙو گھر ڪنھن  جو نه ھجي، منھنجي گاڏي جھڙي گاڏي ڪنھن جي نه ھجي، غرض؛ ھر شيءِ ۾ مقابلو (Competition) ڪيو ويندو آھي ۽ ان مقابلي جو مقصد ڇا ھوندو آھي؟


 

 



[1]...حاشیہ صاوی علی تفسیر الجلالین، پارہ:20، سورۂ قصص، تحت الآیۃ:83، جلد:2، صفحہ:304۔

[2]...تفسیر در منثور، پارہ:20، سورۂ قصص، تحت الآیۃ:83، جلد:6، صفحہ:444۔