Book Name:2 Khatarnak Bhediya

هاڻ 2 ئي ڪم هوندا آهن؛ (1): مال سان محبت ڪرڻ وارو، مال جي حِرص ۾ آخرت کي وسارڻ وارو خالي هٿين قبر ۾ لهي ويندو آهي (2): ۽ ان جوجمع  ڪيل مال سندس وارث مزي سان اُڏائيندا آهن. افسوس!

 

چِہ چِیْزَے بَہ چِہْ چِیْزَے رَفْت

يعني هاءِ افسوس! ڪيتري قيمتي زندگي، ڪيتري حقير ڪم ۾ گذري وئي....!!

افسوس گھٹتی جا رہی ہے زِندگی پر مَیں                دبا ہی جاتا ہوں عِصیاں کے بار میں([1])

مال جي طلب ۾ اهڙو گم ٿيس جو نماز جي ته فُرۡصَت ئي نه ملي، دنيا ڪمائڻ جو اهڙو فڪر هو جو قرآن جي تلاوت جو موقعو ئي نه ملي سگهيو، سڄي زندگي مال ڪمائڻ ۽ گڏ ڪرڻ ۾ گذري وئي، افسوس! افسوس....!! آخرت جي لاءِ ته ڪجھ ڪيو ئي نه هو، دنيا به هٿ مان وئي، هاڻي خالي هٿين اونداهي قبر ۾ پيا آهن.

اللہ! حُبِّ دنیا سے تُو مجھے بچانا                       سائل ہوں یاخدا مَیں عشقِ محمدی کا

کچھ نیکیاں کمالے جلد آخِرت بنالے                کوئی نہیں بھروسا اے بھائی! زندَگی کا([2])

قبر جو ساٿي ڪير....؟

الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: انسان جا 3 دوست آهن: (1): هڪ اهو جيڪو ان جي روح نڪرڻ تائين ان سان گڏ هوندو آهي (2): ٻيو ان جي قبر تائين گڏ ويندو آهي ۽ (3): ٽيون ميدانِ محشر تائين ساٿ ڏيندو آهي. انسان جو اهو دوست جيڪو ان جي مرڻ تائين گڏ هوندو


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:274۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:178ملتقطاً۔