Book Name:2 Khatarnak Bhediya

بيان ٻڌڻ جو نيتون

حديث پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ   سٺي نيت ماڻهو کي جنّت ۾ داخل ڪرائي ڇڏيندي آهي.([1])  

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهرين ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثلاً نيت ڪيو! * رضاءِ الهي جي لاءِ پورو بيان ٻڌندس * با اَدب ويهندس * خوب تَوَجَّه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!         صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

 پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدُلِله! اسان مسلمان آهيون، رَبَّ ڪريم پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان اسان کي ايمان جي دولت عطا فرمائي. ايمان هڪ نور آهي، جيڪو ٻانهي جي دل ۾ رکيو ويندو آهي، پوءِ ان نور جي روشني، اُن جي چمڪ ڌمڪ ٻانهي جي عضون (مثلاً هٿ، پير، زبان، اک وغيره) ۾، اُن جي فعلَن ۾، ڪردار ۾، اَخلاق ۾ نظر ايندي آهي، ڪافي ساريون اهڙيون شيون آهن، جيڪي دل ۾ موجود ايمان جي نُور کي گهٽ ڪري ڇڏين ٿيون، انسان جي دل ۾ ايمان جو نور موجود ته هوندو آهي ڏسڻ وارا ان کي مسلمان ئي چوندا آهن، ٻانهو پاڻ به پنهنجي پاڻ کي مسلمان ئي سمجهندو آهي، الله پاڪ، ان جي رسولن، ڪتابن، ملائڪن ۽ قيامت وغيره کي مڃيندو به آهي، انهن تي ايمان به رکندو آهي پر اُن جي دل ۾ ايمان جو نور ايترو ته گهٽ ٿي ويندو آهي جو اُن نور جي روشني، ان جي چمڪ ڌمڪ ٻانهي جي عضون(Organs) مان، ان جي ڪمن مان، اخلاق ۽ ڪردار مان ظاهر ناهي ٿي رهي هوندي، ماڻهو هوندو مسلمان ئي آهي پر ان جا ڪمَ مسلمانن وارا ناهن هوندا، ان جي دل نيڪين ۾ ناهي لڳندي، نيڪين جي لذّت گھٽ ۽ گناهن جي لذّت وڌي ويندي آهي، آخرت تي ايمان هجڻ باوجود ماڻهو آخرت کي وساري


 

 



[1]...مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔