Book Name:2 Khatarnak Bhediya

الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! اسان جي ڪريم آقا، رحيم آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيترو زبردست مثال (Example) ڏئي ڪري اسان کي سمجھايو آهي ته اي منهنجا غلامؤ! اي اُمّتيو! مال جي مُحبَّت ۽  عِزَّت ۽ وڏائي جي چاهت توهان جي دين ۽ ايمان جي لاءِ انتهائي خطرناڪ آهن، هي توهان کي دنيا ۽ آخرت ۾ برباد ڪري ڇڏينديون، لهٰذا انهن کان بچندا رهو....!!

آہ!دولت کی حفاظت میں توسب ہیں کوشاں     حِفظِ ایماں کا تصوُّر ہی مِٹا جاتا ہے

یاد رکّھو! وُہی بے عقل ہے اَحمق ہے جو         کثرتِ مال کی چاہت میں مرا جاتا ہے

اپنی الفت کا مجھے جام پلا دو ساقی                قلب دنیا کی محبت میں پھنسا جاتا ہے ([1])

مال جي محبت ۽  حُبّ جاهه دل ۾ نفاق پيدا ڪندا آهن

 هڪ حديث ۾ آهي: مال جي مُحبَّت ۽ وڏائي ۽ عزَّت جي چاهت دل ۾ نِفاق پيدا ڪندا آهن، جيئن پاڻي سبزي (Vegetable) ڦُٽائيندو آهي. ([2])    

تِرا غم ہی چاہے عطّارؔ اِسی میں رہے  گرِفتار            غمِ مال سے بچانا مَدنی مدینے والے([3])

الله پاڪ اسان کي حُبِّ جاھ ۽  مال جي محبت جي آفت کان محفوظ فرمائي.

 آمین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔  

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

مال جي مُحبت جي نقصان جو بيان

   عالم سڳورا فرمائن ٿا: مال جي محبت جون ٻه صورتون آهن


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:432۔

[2]... الزواجر عن اقتراف الکبائر ، الکبیرة الثالثۃ والخمسون بعد المائتین، جلد:2، صفحہ:44۔

[3]...وسائل بخشش، صفحہ :429۔