Book Name:2 Khatarnak Bhediya

آهي، اهو سندس مال آهي ۽ انسان جو اهو دوست جيڪو قبر تائين ويندو آهي، اهي سندس گھر وارا آهن ۽ انسان جو اهو باوفا دوست جيڪو ميدانِ محشر تائين گڏ هوندو آهي اهو سندس عمل آهي. ([1])

دولتِ  دنیا  کے  پیچھے  تُو  نہ  جا                       آخِرت میں مال کا ہے کام کیا!

مالِ دنیا دو جہاں میں ہے وَبال                    کام آئے گا نہ پیشِ ذوالجلال

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب!           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي مال جي حِرص ۽ محبت کان بچڻ گھرجي، جيترو ڪمائڻ ضروري آهي، ايترو ڪمايو، جيترو جمع ڪرڻ ضروري آهي، ايترو جمع به ڪيو، جيتوڻيڪ ان جي محبت ۾ پئجي ڪري ڏينهن رات بس مال ڪمائڻ ۽ جمع ڪرڻ ئي جي فڪر ۾ رهڻ، مال جي محبت جي سبب آخرت کي وساري ڇڏڻ، نيڪ عملن کان پري ٿي وڃڻ سراسر ناداني آهي. الله پاڪ اسان کي مال جي حِرص کان محفوظ فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  

مال جي محبّت جي ٻي صورت: شُحٌّ

پيارا اسلامي ڀائرو! هي ته هئي مال جي اها محبت جيڪا ماڻهو کي حرام تي نه ٿي اڀاري، ٻانهو مال جو حريص ته هوندو آهي، راتون رات مالدار بڻجڻ جا خواب ته سجائيندو آهي پر پنهنجي انهن خواهشن جي تڪميل جي لاءِ حرام ذريعن ڏانهن هٿ ناهي وڌائيندو، مال جي هي محبّت به ايتري قدر نقصان ڪار آهي جو ڪڏهن ڪڏهن ايمان کسجي وڃڻ جو سبب بڻجي ويندي آهي، ڪڏهن دل ۾ نفاق پيدا ڪندي آهي، ماڻهو کان آخرت وسارائي ڪري دنيا جو ديوانو بڻائي  غفلت جو شڪار ڪري ڇڏيندي آهي.

مال جي محبّت جي هڪ ٻي صورت به آهي، ان کي شُحٌّ چوندا آهن. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:


 

 



[1]...بخاری، کتاب الرقاق، باب سکرات الموت، صفحہ:1599، حدیث:6514بتغیر قلیل ۔