Book Name:2 Khatarnak Bhediya

حضرت جُنۡدُب رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، رسولِ رحمت، شفيعِ امّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو ٻڌڻ چاهيندو، الله ان کي ٻڌائي ڇڏيندو ۽ جيڪو ڏسڻ چاهيندو الله ان کي ڏسي ڇڏيندو. ([1])

 مشهور مفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: يعني جيڪو عبادتون ماڻهن جي ڏيکارڻ، ٻڌائڻ جي لاءِ ڪندو ته الله پاڪ دُنيا ۾ يا آخرت ان جا عملَ ماڻهن ۾ مشهور ڪري ڇڏيندو پر عزّت سان نه بلڪه ذلّت سان جو ماڻهو ان جا عمل ٻڌي ڪري ان تي لعن طعن ئي ڪندا. ([2])

حبِّ جاه دين کي برباد ڪري ڇڏي ٿي

اي عاشقانِ رسول! حب جاھ يعني شھرت ۽ عزت جي خواھش وڏو برو وصف آھي، اسان کي حب جاھ کان بچڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، باقي! الله پاڪ جيڪڏھن ڪنھن شخص کي پاڻ ئي شھرت عطا فرمائي ڇڏي، ان جي دل ۾ شھرت جي محبت نه ھجي ته ان ۾ يقيناً حرج ناھي، ھا! اھڙي شخص کي به گھرجي ته خود پسندي جي آفت ۾ ھرگز مبتلا نه ٿئي بلڪه پاڻ کي الله پاڪ جي خفيه تدبير کان ڊيڄاريندو رھي۔ حضرت بشر حافي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان ڪنھن اھڙي شخص کي نٿو ڄاڻان جيڪو پنھنجي شھرت چاھيندو ھجي ۽ ان جو دين تباھ  ۽  برباد ۽ اھو پاڻ ذليل ۽ خوار نه ٿيو ھجي۔([3])

الله پاڪ اسان کي حُبّ جاھ ۽ حُبِّ مال ۽ ان جھڙين ٻين باطني بيمارين کان محفوظ فرمائي.

آمین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ  صَلَّی اللہ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ۔

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب!                                                            صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

12  ديني ڪمن مان ھڪ مدني ڪم: ھفتيوار مدني مذاڪرو


 

 



[1]...بخاری، کتاب الرقاق، باب الریاء والسمعۃ، صفحہ:1596، حدیث:6499۔

[2]...مرآۃ المناجیح، جلد:7، صفحہ:129۔

[3]...احیاء العلوم، جلد:3، صفحہ:339۔