Book Name:2 Khatarnak Bhediya

مالداروں کی خوشامد میں ہلاکت ہے بڑی              تُو گناہوں میں پڑے گا آئے گی شامت تری

کان دھرکے سُن! نہ بننا تُو حریصِ مال و زَر!            کر قناعت اِختیار اے بھائی تھوڑے رِزق پر([1])

پوئين گفتگو جو خلاصو

 اي عاشقان رسول! ھي مال جي محبت جون ٻه صورتون آھن؛ (1):حِرص: يعني ماڻھو مال جي محبت ۾ گرفتار ته ھجي پر ان جي لاءِ حرام ڏانھن ھٿ نه وڌائي (2): ۽ ٻي صورت: شُحٌّ يعني ماڻھو مال جي محبت ۾ ايترو اڳتي وڌي وڃي جو ان کي حرام حلال جي پرواھ ئي نه رھي۔

  مال جي محبت جون ھي ٻئي صورتون ايمان جي لاءِ سخت خطرناڪ آھن، مال جي محبت دل ۾ نفاق پيدا ڪندي آھي، مال جي محبت خطرناڪ بگھڙ آھي، ھي اھا خطرناڪ باھ آھي جيڪا دل تي ڇائنجي ويندي آھي ته ايمان جو نور وسائي به سگھي ٿي، ان ڪري اسان کي مال جي محبت کان ھر دم بچندي رھڻ گھرجي۔

مِرے دل سے دنیا کی چاہت مٹا کر                 کر اُلفت میں اپنی فنا یاالٰہی!

تُو اپنی وِلایت کی خیرات دیدے                   مرے غوث کا واسِطہ یاالٰہی!

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب!           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

شرف و عزت جي محبت

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان شروع ۾ حديث پاڪ ٻڌي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 2 شين کي دين جي لاءِ سخت خطرناڪ ٻڌايو، ان  مان ٻي شي آھي حبِّ جاھ يعني عزّت ۽ شھرت جي محبت۔

شھرت جي محبت  مال کان وڌيڪ خطرناڪ آھي

عالم سڳورا فرمائن ٿا: شھرت جي محبت مال کان به وڌيڪ خطرناڪ آھي، مال اھا شيءِ آھي، جنھن جي لاءِ ماڻھو دَر دَر جون ٺوڪرون کائيندو آھي، مال


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:698۔