Book Name:2 Khatarnak Bhediya

۽ خيرات ڪري ڇڏي) ته ان سان ملڻ چاهيندو آهي ۽ جيڪڏهن مال کي پوئتي ڇڏي ڏي ته ان سان پوئتي رهڻ چاهيندو آهي. ([1])

ہمارے دل سے نکل جائے الفتِ دنیا   دے دل میں عشقِ  مُحَمَّد مرے رچا یاربّ!)[2])

مال ته جمع ڪيو  پر....!!

هڪ ڀيري ڪنهن نيڪ بزرگ جي خدمت ۾ عرض ڪيو ويو: فلاڻو شخص مال جمع ڪري رهيو آهي. الله پاڪ جي نيڪ ٻانهي نهايت پياري ڳالهه ارشاد فرمائي، فرمايائون: اهو مال ته جمع ڪري رهيو آهي، ڇا ان کي خرچ ڪرڻ لاءِ ڏينهن به جمع ڪري رهيو آهي. ([3])

هي هڪ واضح حقيت(Reality) آهي، مال جيسيتائين اسان وٽ هجي، ڀلي تجوريون ڀريل هجن، اسان ڪروڙين روپين جا ملڪ هجون، هي مال اسان کي بلڪل نفعو نٿو پهچائي سگھي، مال جو فائدو ان وقت ٿيندو  آهي جڏهن ماڻهو ان کي خرچ ڪندو آهي ۽ مال کي خرچ ڪرڻ جي لاءِ وقت گھرجي، زندگي گھرجي! ساهه هلي رهيو هجي، تڏهن ئي ماڻهو مال مان فائدو حاصل ڪري سگھي ٿو پر معاملو ايئن آهي جو ماڻهو مال جي پويان ڀڄندو آهي، روپيو روپيو ڪري مال گڏ ڪندو آهي، ان جي ٽتجوري  ۾  مال وڌندو ويندو آهي، بينڪ بيلنس ۾ اضافو ٿيندو ويندو آهي ليڪن افسوس! ان سان گڏوگڏ زندگي گھٽ ٿيندي ويندي آهي. هيڏانهن تجوري ڀرجندي آهي، هوڏانهن زندگي ختم ٿي ويندي آهي.

سیٹھ جی کو فِکْر تھی کہ اِکْ اِکْ کے دَسْ دَس کیجئے!

موت آ پہنچی کہ مسٹر جان واپس کیجئے!


 

 



[1]...الزہد لابن المبارک، جز:5، صفحہ:224، حدیث:634۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:82۔

[3]...مجموع رسائل ابن رجب ، جلد:1، صفحہ:65۔