Book Name:2 Khatarnak Bhediya

اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ اسان کي مال جي محبت کان محفوظ فرمائي. ايمان جي مضبوطي ۽ اخلاق ۽ ڪردار جي دُرُستگي ان ۾ آهي ته ٻانهو هرگھڙي موت، قبر ۽ آخرت کي ياد رکي پر دُنياوي مال جو هڪ انتهائي بُرو اثر هي آهي ته ان جي محبت انسان کي غافل ڪري ڇڏيندي آهي، مال جي محبّت جي ڪارڻ انسان آخرت کي وساري ڇڏيندو آهي، دُنيا ۽ ان جي محبت دل ۾ گھر ڪري ويندي آهي ۽ دنيا جي محبّت ئي اها شيءِ آهي جيڪا انسان کي گناهن ۽ بُرائين جي اونهي کڏي ۾ ڌڪي ڇڏيندي آهي. انهي ڪري اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: لَا تَتَّخِذُوا الضَّیْعَةَ  فَتَرْغَبُوا فِي الدُّنْیَا يعني (اي انسانو...!!) جائيداد (Property)نه بڻايو! نه ته دنيا جا ٿي ڪري رهجي ويندؤ. ([1])   

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

مال کي اڳتي موڪلي ڇڏيو

 حديثِ پاڪ ۾ آهي؛ هڪ ڀيري هڪ شخص بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: يَا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! مون کي ڇا ٿي ويو آهي جو مان موت کي پسند نٿو ڪيان (يعني منهنجي دل دُنيا ڏانهن مائل آهي، مان پنهنجي دل ۾ آخرت ڏانهن لاڙو گھٽ ٿو ڏسان ۽ موت جيڪو جنّت تائين پهچائڻ جو رستو آهي، مون کي اهو موت پسند ناهي) سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڇا تو وٽ مال آهي؟ عرض ڪيائين هائو! يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! فرمايائون: پنهنجو مال (آخرت جي لاءِ صدقو ۽ خيرات ڪري) اڳتي موڪلي ڇڏ! ڇو ته انسان جي دل پنهنجي مال سان هوندي آهي، جيڪڏهن هي پنهنجي مال کي اڳتي موڪلي ڇڏي (يعني صدقو


 

 



[1]...ترمذی، کتاب الزہد، صفحہ:557، حدیث:2328۔