Book Name:2 Khatarnak Bhediya

کي پڙهي وٺندو هو، مستجابُّ الدَّعوات به هو يعني ان جون دعائون قبول ٿينديون هيون.

  اهڙو پائي جو ڪامل ولي...!! پر افسوس! مال جي محبت، مال جي حِرص ۽ لالچ ان کي تباھ ۽ برباد ڪري رکي ڇڏيو، ان جي قوم ان کي چيو: اي بَلۡعَم...!! حضرت موسيٰ عَلَیْہِ السَّلَام جي خلاف بد دعا ڪر....!! چيائين: هو الله پاڪ جو نبي آهي، مان هر گز ان جي خلاف بد دعا نٿو ڪري سگھان، ان جي قوم ان کي مال ۽ دولت جي لالچ ڏني، افسوس! مال ۽ دولت جي محبّت ان جي عقل تي پردو وجهي ڇڏيو، بَلۡعَمۡ بن باعُوراء مال جي محبّت ۽ حرص ۽ لالچ ۾ اچي ويو، اُن بدبخت الله پاڪ جي نبي حضرت موسيٰ عَلَیْہِ السَّلَام جي خلاف بد دعا جي لاءِ هٿ کنيا! خدا جي قدرت ڏسو! بَلۡعَم بن باعُوراء بددعا ته  حضرت موسيٰ عَلَیْہِ السَّلَام جي خلاف ڪندو هو پر ان جي زبان مان پنهنجو نالو ئي نڪرندو هو، آخرڪار ان بدبخت تي الله پاڪ جو عذاب نازل ٿيو، ان جي زبان لڙڪي سيني تائين اچي وئي ۽ افسوس! صد ڪروڙ افسوس! پنهنجي وقت جو بلند رُتبي وارو ڪامل ولي مال جي حِرۡص ۽ محبّت جي سبب ڪفر جي موت مري ويو. ([1])

جہاں میں ہیں عبرت کے ہر سُو نمونے              مگر تجھ کو اندھا کیا رنگ و بُو نے

کبھی  غور سے بھی یہ دیکھا ہے تُو نے                 جو آباد تھے وہ مکاں اب ہیں سُونے

جگہ  جی  لگانے  کی  دُنیا  نہیں  ہے                     یہ عبرت کی جا ہے  تماشا نہیں ہے

ملے  خاک  میں  اہلِ  شاں  کیسے  کیسے                    مکیں  ہو گئے  لا مکاں  کیسے  کیسے

ہوئے   نامور   بے  نشان  کیسے  کیسے                   زمین  کھا گئی  نوجواں  کیسے  کیسے

جگہ   جی  لگانے  کی  دنیا  نہیں  ہے                     یہ عبرت کی  جا ہے تماشا نہیں ہے

جائيداد نه بڻايو! نه ته دنيا جا ٿي ڪري رهجي ويندؤ


 

 



[1]...عجائب القرآن مع غرائب القرآن، صفحہ:117-118خلاصۃً۔