Book Name:2 Khatarnak Bhediya

مال جي مُحبت جي پهرين صورت: بُري لالچ

  هڪ صورت هي آهي ته انسان جي دل ۾ مال جي گھڻي محبت هجي، ٻانهو چاهيندو هجي ته مان راتون رات امير ٿي وڃان، منهنجون فيڪٽريون(Factories) هجن، ڪوٺا، بنگلا هجن، بينڪ بيلنس (Bank Balance) هجي، وڏيون وڏيون گاڏيون هجن پر مال جي اُن بُري محبّت جي ڪري ماڻهو حرام ڏانهن هٿ نه وڌائي، مثلاً پنهنجي خواهشن جي تڪميل جي لاءِ رشوَت جو ڏيڻ وٺڻ نه ڪري، ماپ تور ۾ ٺڳي نه ڪري، وياج ڏانهن نه وڌي، چوري چڪاري نه ڪري، ٻين کي ڌوڪو نه ڏي.

مقصد؛ ماڻهوءَ جي دل ۾ مال جي محبت ته آهي پر حرام تي اڀارڻ واري محبت ناهي، ان کي حِرص چوندا آهن. هي به وڏي نقصان ڪار شيءِ آهي.....!!

مال جي محبَّت منافق بڻائيندي آهي (عبرت ناڪ واقعو)

 هاڻي هڪ سبق آموز واقعو توهان کي ٻڌايان ٿو: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ظاهري زندگي مبارڪ جي زماني ۾ هڪ شخص هو، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خِدمت ۾ حاضر ٿيندو هو، اُن ڪلمو به پڙهي ورتو هو، ايمان به قبول ڪيو هو، امامُ الانبياء، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي امامت ۾ نمازون به پڙهندو هو ۽ هي ايترو پڪو نمازي پرهيزگار هو جو حڪيمُ الاُمّت مفتي احمد يار خام نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هي ڏينهن رات (رات جو اڪثر حصو) مسجِدِ نبوي شريف ۾ حاضر رهندو هو، ايسيتائين جو اُن جو لقب حَمَّامَۃُ الْمَسْجِد (يعني مسجد جو ڪبوتر) ٿي ويو. ([1])

 هي شخص معاشي لحاظ کان تمام غريب هو، تفسيرِ صراط الجنان ۾ آهي: اُن شخص رسولِ ڪريم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي درخواست ڪئي منهنجي لاءِ مالدار ٿيڻ جي دعا فرمايو پياري آقا مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ٿورو مال جنهن جو تون شڪر ادا ڪري سگھين ان کان بهتر آهي جنهن جو شڪر ادا نه ڪري سگھين. وري ٻيهر ان حاضر ٿي ڪري اها ئي


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:10، سورۂ توبہ، تحت الآیۃ:75-76، جلد:10، صفحہ:482۔