Book Name:2 Khatarnak Bhediya

جي حاصلات لاءِ پنھنجو وقت، پنھنجي طاقت، گھر ٻار کان جدائي سڀ ڪجھ برداشت ڪري وٺندو آھي ۽ حُبِّ جاھ (يعني شهرت ۽ عزت جي محبت) اھڙي شيءِ آھي جو ان جي لاءِ رت ۽ پگھر جي ڪمائي به لڳائڻي پوي ته انسان بلڪل جَجھڪ محسوس ناھي ڪندو بلڪه دنيا جي ڪوڙي ۽ بي فائده عزت حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڻي وانگر پئسو وھائي ڇڏيندو آھي۔ اسان وٽ ڪيترائي اھڙا ماڻھو آھن جيڪي صرف سستي شھرت جي لاءِ ميڊيا تي ڀٽڪندا وتندا آھن، اڄڪلھ ته سوشل ميڊيا (Social Media) جو دور آھي، ماڻھو شھرت جي طلب ۾ بي ڍنگھيون حرڪتون ڪندا آھن، فضول بلڪه گناھن ڀريون ويڊيو ٺاھي ڪري سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ (Upload) ڪندا آھن، سيلفي بڻائي ڪري سوشل ميڊيا تي وجھندا ۽ مشھور (Famous) ٿيڻ جي چڪر ۾ اھڙن اھڙن خطرن سان کيڏندا آھن جو الله پاڪ جي پناھ...!!

سيلفي جا نقصانَ

شيخِ طريقت، اميرِ اھلِ سنَّت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه پنھنجي رسالي سيلفي جا 30 عبرت ناڪ واقعن مان ڪيئي اھڙا واقعا لکيا آهن، مثلاً * جاپان جو ھڪ شخص تاج محل (آڳرا، ھنڌ)  ۾ رائل گيٽ جي ڏاڪڻ چڙھندي سيلفي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو، انھي دوران ڏاڪڻ تان ڪريو ۽ جان تان ھٿ ڌوئي ويٺو * روس جي2 نوجوانن  ھڪ ڀيري دستي بم ھٿ ۾ کنيو ۽ ان جي پِن ڪڍندي سيلفي ڪڍڻ چاھي، ته انھي دوران بم ڦاٽي پيو ۽ ٻئي موت جي منھن ۾ ھليا ويا * راولپنڊي (پاڪستان) جو ھڪ ڇوڪرو ريلوي ٽريڪ تي بيھي ڪري ھلندي ريل سان گڏ سيلفي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو، انھي مھل ريل سان ٽڪرائجي پيو ۽ موقعي تي ئي دم ڏئي ڇڏيائين۔

    اھڙا ٻيا به ڪيترا ئي عبرتناڪ واقعا آھن * حج ۽ عمري جي سفر دوران به سيلفي جا شوقين پنھنجو شوق پورو ڪندي ڏٺا ويندا آھن، * حجر اسود کي چمي ڏيندي * سعي جي دوران * طواف ڪرڻ وقت * ايسيتائين جو مديني منوره ۾ مَواجَھي شريف (يعني روضي مبارڪ جي ديوار جيڪا چھره