Book Name:2 Khatarnak Bhediya

وَ مَنْ یُّوْقَ شُحَّ نَفْسِهٖ فَاُولٰٓىٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَۚ(۹)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جيڪو پنهنجي نفس جي لالچ کان بچايو ويو ته اهي ئي ماڻهو ڪامياب آهن. (پارہ:28،سورۂ حشر:9)

شُحٌّ جو مطلب آهي ته ٻانهو مال جي محبت ۾ ايترو اڳتي نڪري وڃي جو هاڻي ان کي حلال حرام جي تمييز به نه رهي، يعني ان درجي تي اچي مال جي محبّت حِرص جي بجاءِ هَوَس ۾ بدلجي ويندي آهي، هاڻي ٻانهو چاهيندو آهي ته هاڻي بس مال اچي، ان جي لاءِ وياج جي ڏي وٺ ۾ به پئجي ويندو آهي، رشوت به کائيندو آهي، ماپ تور ۾ ٺڳي به ڪندو آهي، ٻين کي ڌوڪو به ڏيندو آهي، مطلب ان کي بس مال جي طلب هوندي آهي، حرام ذريعي سان اچي رهيو آهي يا حلال ذريعي سان، اُن کي هِن جي ڪا پرواھ ناهي رهندي، دِل ۾ مال جي محبت ايتري گھڻي وڌي وڃي ته ان کي شُحٌّ چيو ويندو آهي. ([1])

شُحّ کان بچو ڇوته ان پهريان وارن کي هلاڪ ڪري ڇڏيو

صحابي ابنِ صحابي حضرت عبدالله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهما کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: شُحٌّ  (يعني مال جي گهڻي محبّت) کان بچو! بيشڪ توهان کان پهرين وارن کي ان هلاڪ ڪري ڇڏيو. شُحٌّ (يعني مال جي تمام گهڻي محبّت) انهن کي رشتيداري ٽوڙڻ تي اڀاريو ته انهن رشتا ٽوڙيا، انهيءَ کين ڪنجوسي تي اڀاريو ته انهن ڪنجوسي ڪئي، مال جي انتهائي محبّت کين گناهن تي اڀاريو ته هي گناهن جي دلدل ۾ وڃي ڪريا. ([2]) مُسۡلِم شريف جي روايت ۾ آهي: شُحٌّ (يعني مال جي گهڻي محبّت) توهان کان پهرين کي قتل تي اڀاريو ته انهن قتل ڪيا ۽ حرام کي حلال قرار ڏيڻ لڳا. ([3])

شُحٌّ ۽ ايمان هڪ دل ۾ جمع نه ٿا ٿي سگهن


 

 



[1]...مجموع رسائل ابن رجب حنبلی، جلد:1، صفحہ:69بتغیر قلیل۔

[2]...مسند احمد ، جلد:3، صفحہ:528، حدیث:6643ملتقطاً۔

[3]...مسلم، کتاب  البر والصلۃ، صفحہ:1000، حدیث:2578۔