Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

جيڪو سڀني کي ڳالهائڻ جي طاقت عطا فرمائي ٿو۔

هاڻي اُهو شخص گھڻو شرمسار ٿيندو، هاڻي ان وٽ نجات جي ڪا راھ باقي نه بچندي، پوءِ ملائڪن کي حڪم ٿيندو: اي ملائڪو! هن کي گهلي جهنّم ۾ وجھي ڇڏيو...!! هاڻي هي شخص عَرض ڪندو: اي رَبِّ ڪريم! تون اَرْحَمُ الرَّاحِمِين (يعني سڀ کان وڌيڪ رحم فرمائڻ وارو) آهين، مون گنهگار تي تنهنجي رَحمت ڪڏهن وسندي؟ الله پاڪ فرمائيندو: منهنجي رحمت مڃڻ وارن جي لاءِ آهي، تون پنهنجي گُنَاهن جو اعتراف ڪر! توکي رحمت نصيب ٿي ويندي۔ اهو شخص هڪدم عَرض ڪندو: مان پنهنجي تمام گُنَاهن جو اعتراف ڪيان ٿو، هي ته بَس دوزخ جو خوف هو، جنهن جي ڪري مان حُجَّت بازي (يعني اُبتا سبتا دليل) ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس۔ هاڻي حڪم ٿيندو: اي ملائڪو! منهنجي ٻانهي کي منهنجي رحمت سان منهنجي جنّت ۾ وٺي وڃو! بيشڪ مون هن کي بخشي ڇڏيو۔([1])

نہ کرنا حشر میں پُرسش، مری ہوبےسبب بخشش            عطا کر باغِ فِرْدَوس از پئے شاہِ اُمَمْ مولیٰ!

خِرَد کرتی نہیں اب کام، اِلٰہی!  میں ہُوا ناکام                    تجھی سے التجا ہے مجھ پہ کر رحم و کرم مولیٰ!

تُو بس رہنا سدا راضی، نہیں ہے تابِ ناراضی              تُو ناخوش جس سے ہو برباد ہے تیری قسم مولیٰ!([2])

 اي عاشقانِ رسول! هنن ٻنهي گُنَهگارن کي رَبِّ ڪريم بخشي ڇڏيندو، گُنَاهن جي باوُجُود جنّت ۾ داخِلو عطا فرمائيندو، يقيناً هي ان جي رحمت آهي پر غور ڪريو! معاملو ڪيترو دُشوار آهي، افسوس! قيامت جي ڏينهن بهانا نه هلندا، اڄ ته زبان هلائي ٻين کي ماٺ ڪرائي ڇڏيندا آهيون، اُبتا سُبتا بهانا ٺاهي دل کي مطمئن ڪندا آهيون، پاڻ کي فضول تسلي ڏيندا آهيون پر افسوس! قيامت جي ڏينهن جڏهن رَبِّ قَهار جَلَّ جَلَالُهٗ جي بارگاھ ۾ حاضِري ٿيندي، گُنَاهن سان ڀريل، سياھ اَعمَال نامو هٿ ۾ ڏنو ويندو، ان وقت انڪار جي ڪا صُورت نه رهندي،


 

 



[1]...دُرَّۃُ النَّاصحین،جلد:2،صفحہ:381تا385 ملتقطاً۔

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:97و98ملتقطاً۔