Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

تنهنجي خِلاف شاهدي ڏيندا؟

یاالٰہی! نامۂ اعمال جب کُھلنے لگیں                                      عیب پوشِ خلق ستّارِ خطا کا ساتھ ہو

یاالٰہی! جب بَہیں آنکھیں حسابِ جُرم میں                         اُن تبسّم ریز ہونٹوں  کی دُعا کا ساتھ ہو

یاالٰہی! جب حسابِ خندۂ بیجا رُلائے                               چشمِ گریانِ شفیعِ مُرتجٰے کا ساتھ ہو([1])

قيامت جي ڏينهن شاهدي ڏيڻ وارا

اي عاشقانِ رسول! هميشه ياد رکو! الله پاڪ اسان کي پيدا ڪري بالڪل بي لگام ناهي ڇڏي ڏنو، هن دُنيا ۾ اسان جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي، پهريان ته اهو ڇا گھٽ آهي ته الله پاڪ ڏسي رهيو آهي، جيڪي شرم ۽ حياء وارا آهن،انهن جي لاءِ ته الله پاڪ جو ڏسڻ ئي گُنَاھ ڇڏڻ جي لاءِ ڪافِي آهي، پوءِ هن سان گڏوگڏ ٻيا به شاهد آهن، جيڪي اسان جي عملن جي سخت نگراني ڪري رهيا آهن، عالم سڳورا فرمائن ٿا: قيامت جي ڏينهن ماڻهن تي 6 شاهد هوندا:

(1):پهريون شاهد: زمين

هي زمين جنهن تي اسان زندگي گذاري رهيا آهيون، اسان زمين کان ڪنهن قسم جي جھجڪ يا شرم محسوس نٿا ڪريون، هن تي هر جائِز و ناجائِز ڪم ڪري وٺون ٿا، اڄ هي زمين اسان جي ڪنهن حرڪت تي پنهنجي رَدِّ عَمَل جو اِظهار ناهي ڪندي پر ڪلھ قيامت جي ڏينهن هي زمين به اسان جي باري ۾ شاهدي ڏيندي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

یَوْمَىٕذٍ تُحَدِّثُ اَخْبَارَهَاۙ(۴) (پاره:30،سورۂ زِلزَال: 4)

ترجَموڪنزُالعرفان:اُن ڏينهن اها پنهنجون خبرون ٻڌائيندي.

 امام فخرُ الدِّين رازي رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه هن آيت سڳوري جي تفسير ۾ لکن ٿا: بيشڪ قيامت جي ڏينهن الله پاڪ هن زمين کي زِنده، عقل مند ۽ ڳالهائڻ واري ڪري


 

 



[1]...حدائقِ بخشش، صفحہ:133۔