Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

آهي، اي الله! جيڪڏهن منهنجا عمل تنهنجي بارگاھ جي لائق نه آهن ته ڪلھ قيامت ۾ مون کي انڌو اُٿارجان ۔

هي عجيب وغريب دعا ٻڌي ماڻهن کي وڏي حيراني ٿي، انهن دعا گھرڻ واري کان پڇيو: اي شيخ ! اسان ته قيامت ۾ عافيت جا طلب گار آهيون ۽ تون انڌو ٿي اٿڻ جي دعا ڪري رهيو آهين، هن ۾ ڇا راز آهي ؟ ان شخص روئيندي جواب ڏنائين، منهنجو مطلب هي آهي ته جيڪڏهن منهنجا عمل الله پاڪ جي بارگاھ جي لائق نه آهن ته مان قيامت ۾ ان ڪري انڌو اٿڻ پسند ڪيان ٿو جو مون کي ماڻهن جي سامهون شرمندو نه ٿيڻو پوي۔ اهي سڀ ماڻهو هن عارفانه جواب کي ٻڌي بيحد متاثر ٿيا پر پنهنجي مخاطب کي سڃاڻندا نه هئا، ان ڪري پڇيائون: اي شيخ! اوهان ڪير آهيو؟ انهن جواب ڏنو: مان عبدالقادر جيلاني آهيان۔([1])

تِرے خوف سے تِرے ڈر سے ہمیشہ                                                            میں تھرتھر رہوں کانپتا یاالٰہی!

بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صدقہ                                                                             گناہوں سے ہر دَم بچا یاالٰہی!

عبادت میں گزرے مِری زندگانی                                                                       کرم   ہو   کرم   یاخُدا   یاالٰہی! ([2])

بي حساب جنّت ۾ داخِلو ڏياريندڙ عمل

اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ اسان کي آخرت جي حساب جو خوف نصيب فرمائي! يقيناً اسان حساب ڏيڻ جي لائق نه آهيون، افسوس! جيڪڏهن اسان کان حِسَاب ورتو ويو ته سواءِ رُسوائي جي ڪجھ نه ورندو۔ ان ڪري دُعا گھرڻ کپي ته الله پاڪ اسان کي بِلا حِسَاب پنهنجي رحمت سان، پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت سان بِلاحساب ئي جنّت ۾ داخلو نصيب فرمائي۔

تُو بے حساب بخش کہ ہیں بے شمار جرم                    دیتا ہوں واسطہ تجھے شاہِ حجاز کا


 

 



[1]...خوفِ خدا، صفحہ:120۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:105ملتقطاً۔