Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

گذارن اهو قيامت جي ڏينهن منهنجي ذِڪرُ الله جي شاهدي ڏئي۔ ([1])

سُبحٰنَ الله! اسان جي بزرگن جا انداز ڪيترا پيارا هئا! اهي نيڪين جا ڪيترا حريص هئا...! افسوس! هڪ اسان آهيون جو غفلت جو شِڪار رهون ٿا، افسوس! اهڙا نادان به آهن جيڪي سفر دوران گُنَاهن ۾ مَصرُوف رهن ٿا، ڪار ۾، ويگن، بس، ٽرين ۽ جهاز وغيره ۾ فلمون، ڊراما ڏسن ٿا ۽ گانا ڳائيندي ٽائِم پاس ڪن ٿا، گهٽين مان لنگھندي موبائل تي گانا ٻڌندي يا جھونگاريندي هلن ٿا۔ اهڙن کي غور ڪرڻ کپي ته زمين کي ڪهڙي ڳالھ تي پنهنجو شاهد بڻائي رهيا آهن۔ پياري نبي، مڪي مدني، مُحَمَّدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: تَحَفَّظُوْا مِنَ الْاَرْضِ يعني زمين کان بچي رهو...!فَاِنَّهَا اُمُّڪُم بيشڪ هي توهان جي اَصل آهي وَاِنَّهٗ لَيْسَ مِنْ اَحَدٍعَامِلٍ عَلَيْهَاخَيْراً وَّ شَرّاًاِلَّا هِيَ مُخْبِرَةٌ جيڪو به شخص هن زمين تي ذَرّي برابر نيڪي ڪندو يا بُرائي ڪندو،( قيامت جي ڏينهن) هي زمين ان جي باري ۾ شاهدي ڏيندي۔([2])

گناہوں کی نحوست بڑھ رہی ہے دم بدم مولیٰ                میں توبہ پر نہیں رہ  پا رہا ثابت قدم مولیٰ

نہ کرنا حشر میں پُرسش مری ہو بے سبب بخشش             عطا کر باغِ فردوس از پئے شاہِ اُمم مولیٰ([3])

(2-3): قيامت جي ڏينهن جا ٻه شاهد: ڏينهن ۽ رات

پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڏينهن ۽ رات به قيامت جي ڏينهن اسان تي شاهد ٿيندا، اسان ڏينهن جي روشني ۾ جييڪي ڪم ڪيا هوندا يا رات جي اونداهي ۾ ڪيا هوندا هي سڀ ٻڌائيندا، حديثِ پاڪ ۾ آهي، رسولن جي سالار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: هر ڏينهن جڏهن ايندو آهي ته هي اعلان ڪندو آهي: اي اِبنِ آدم! مان تون وٽ نئين مخلوق آهيان، اڄ تون مون ۾ جيڪو عمل ڪندين مان ڪلھ قيامت جي ڏينهن ان جي شاهدي ڏيندس، تون مون ۾


 

 



[1]...تَنْبِيْهُ الْمُغْتَرَّيْن، صفحہ:88۔

[2]...معجمِ كبير،جلد:3،صفحہ:200،حدیث:4462۔

[3]...وسائل بخشش، صفحہ:97 ملتقطاً۔