Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

ڇڏيندو، هي زمين سڃاڻيندي ته هن تي رهڻ وارا ڪهڙا ڪهڙا عَمَل ڪندا رهيا، پوءِ هي نيڪ ماڻهن جي حق ۾ ۽ گنهگارن جي خِلاف شاهدي ڏيندي۔([1])

حضرت ابو هريره رَضِىَ الله عنۡه فرمائن ٿا: الله پاڪ جي آخري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي آيت تلاوت فرمائي:

یَوْمَىٕذٍ تُحَدِّثُ اَخْبَارَهَاۙ(۴) (پاره:30،سورۂ زِلزَال: 4)

ترجَموڪنزُالعرفان:اُن ڏينهن اها پنهنجون خبرون ٻڌائيندي.

پوءِ فرمايائون: توهان کي خبر آهي ته هن (زمين) جون خبرون ڪهڙيون آهن؟ صحابي سڳورن عَلَیْهِمُ الرِّضْوَان عَرض ڪيو: الله پاڪ ۽ ان جا رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وڌيڪ ڄاڻن ٿا۔ پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: زمين جون خبرون هي آهن ته زمين هر مرد و عورت تي سندن عملن جي شاهدي ڏيندي، جيڪي انهن کين پٺيءَ تي ڪيا هوندا، هو چوندي: هن فلاڻي ڏينهن هي عمل ڪيو ۽ ان فلاڻي ڏينهن هي عمل ڪيو، اهي ان جون خبرون آهن۔([2])

اي عاشقانِ رسول! هي زمين جيئن ته قيامت جي ڏينهن شاهدي ڏيندي، لهٰذا هن کان محتاط رهڻ کپي، اسان کي گھرجي ته اسان زمين کي پنهنجي نيڪين جو شاهد بڻايون، زمين تي  نمازون پڙھون، ذِڪرُ الله ڪري هن زمين کي، هنن وڻڻ کي، پٿرن کي، زمين جي ذَرّن کي پنهنجي نيڪ عملن جو شاهد بڻايون۔

رستي کي ذِڪرُ الله جو شاهد بڻائڻ

هڪ بزرگ گذريا آهن: حضرت اَبُو المَلِيح رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه۔ سندن مبارڪ عادت هئي ته ڪٿي ويندا هئا ته راھ ۾ ذِڪرُ الله ڪندا ويندا هئا، جيڪڏهن ڪڏهن ذِڪر ڪرڻ وسري ويندو هو ته واپس موٽي ٻيهر انهيء راھ تان ذِڪرُ الله ڪندي گذرندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: مان چاهيان ٿو ته مان زمين جي جنهن حِصي تان


 

 



[1]...تفسیرِ کبیر،پارہ،30،سورۂ زلزال،تحت الآیۃ:4،جلد:11،صفحہ:255۔

[2]...ترمذی ابواب صفۃ القیامۃ، صفحہ:577، حدیث:2429۔