Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّيَّةُ الْحَسَنَةُ تُدْخِلُ صَاحِبَهَا الْجَنَّةَ سٺي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔([1])           

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪريون ٿا، مثال طور نيت ڪريو!  * رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * با اَدَب ويهندس * خوب تَوَجُّھ سان بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔ اِنْ شَآءَ الله الْڪَرِيْم!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ!                                                                                                صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

سڀ کان آخري جنّتي

صحابيء رسول حضرت ابو اُمَامه باهلي رَضِىَ الله عنۡه کان روايت آهي، غيب ڄاڻڻ واري آخري نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني، مُحَمَّدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اهو شخص جيڪو سڀ کان آخر ۾ جنّت ۾ ويندو، هو پُلصراط تي پيٽ ڀر گهلجي رهيو هوندو، جيئن والِد پنهنجي پٽ کي ماريندو  آهي ته پٽ جان بچائي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ان شخص جي به اهڙي ئي حالت هوندي، ان جا عمل هن لائق نه هوندا جو هُو ان کي پُل صراط پار ڪرائن۔

هو گنهگار جهنّم جي پُشت تي رکيل، اونداهي ۾ ورتل، تلوار کان تيز ۽ وار کان سنهي پُل صراط تي گھلجندي پنهنجي رَبِّ ڪريم کي پُڪاريندو: یا رَبِّ! بَلِّغْ بَي الْجَنَّةَ وَ نَجِّنِي مِنَ النَّارِ يعني اي رَبِّ ڪريم! مون کي جنّت ۾ پهچاءِ، اي منهنجا رحمٰن ۽ رحيم الله پاڪ! مون کي جهنّم کان نجات عطا فرماءِ۔ الله پاڪ فرمائيندو: اي ٻانها! جيڪڏهن مان توکي جهنّم کان نجات ڏيان ۽ جنّت عطا ڪيان ته ڇا تون پنهنجي گُنَاهن ۽ خطائن جو اقرار ڪندين؟ اُهو شخص عرض ڪندو: ها، اي رَبِّ ڪريم! تنهنجي عزّت ۽ جلال جو قسم! جيڪڏهن


 

 



[1]...مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔