Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

هيون، جيڪو نئون رستو ٺهيو هجي ان تي به نه هلو (قبرستان ۾ قبرون ختم ڪري) جيڪو نئون رستو ٺاهيو ويو ان تي هلڻ به حرام آهي۔ فتاوٰي شامي ۾ آهي: (قبرستان ۾ قبرون ختم ڪري) جيڪو نئون رستو ٺاهيو ويو ان تي هلڻ به حرام آهي * بلڪ نئي رستي جو گمان هجي تڏهن به ان تي هلڻ ناجائز ۽ گناهه آهي * ڪيئي اوليائن جي مزارن تي ڏٺو ويو آهي ته زائرين جي سهولت خاطر مسلمانن جون قبرون ڊاهي ڪري فرش ٺاهيو ويندو آهي، اهڙي فرش تي ليٽڻ، هلڻ، بيهڻ، تلاوت ۽ ذِڪر اَذڪار جي لاءِ ويهڻ وغيره حرام آهي، جتي اهڙي صورتحال هجي اتي پري کان ئي فاتحه پڙهي وٺو * قَبر جي مٿان اگربتي نه ٻارجي ان ۾ سوءِ ادب (يعني بي ادبي) ۽ بد فالي آهي، ها جيڪڏهن (حاضرين کي) خوشبو (پهچائڻ) جي لاءِ (لڳائڻ چاهيو ته) قَبر وٽ خالي جڳھ هجي اتي لڳايو جو خوشبو پهچائڻ محبوب (يعني پسنديده) آهي قبرن جي زيارت جي لاءِ هي 4 ڏينهن بهتر آهن: سومر،جمعرات، جمعو، ڇنڇر۔ جمعي جي ڏينهن فجر نماز کان بعد زيارتِ قبور افضل آهي۔([1])

 مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد:3، حصو: 16 ۽ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو 91 صفحن جو رسالو ”550 سنتون ۽ آداب“ خريد ڪيو ۽ پڙھو، سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر پڻ آهي۔

آؤ مدنی قافِلے میں ہم کریں مل کر سفر                   سنّتیں سیکھیں گے اِس میں اِنْ شَآءَ اللہ سر بَسَر

جو بھی شیدائی ہے مدنی قافِلوں کا یاخدا                    دوجہاں میں اُس کا بیڑا پار فرما یاخدا([2])

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرماءِ۔ آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد



[1]...550سنتیں اور آداب، صفحہ:87تا90ملتقطاً۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:635ملتقطاً۔