Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

ڪيترا آسان عَمَل آهن، ٻانهو پنهنجي گُنَاهن کي ياد ڪري روئي، نمازن جي پابندي ڪري، عِلمِ دين سکي، ان تي عَمَل ڪري، الله پاڪ توفيق بخشي ته حج جي سَعَادت ماڻي، گُنَاهن کان بچي، حلال ڪمائي، حلال طريقي سان ئي خرچ ڪري، ٻين کي معاف ڪرڻ جي عادَت اپنائي ته الله پاڪ جي رحمت سان اِنْ شَآءَ الله الْڪَرِيْم! بِلاحساب جنّت ۾ داخله نصيب ٿيندو۔

اڄ پنهنجو مُحَاسَبو ڪريو...!!

قيامت جي ڏينهن حساب جي سختين کان بچڻ ۽ بلاحساب جنّت ۾ داخِله ماڻڻ جي لاءِ هڪ ٻيو پيارو عَمَل آهي ۽ اهو آهي: پنهنجو جائزو وٺندو رهڻ۔ امام حسن بصري رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه فرمائن ٿا: قيامت جي ڏينهن ان ماڻهن جو حساب آسان ٿيندو جيڪي اڄ دُنيا ۾ الله پاڪ جي رضا جي لاءِ پنهنجو مُحَاسبو ڪن ٿا (يعني جائزو وٺندا رهن) ٿا، اهو هن طرح جو انهن کي جڏهن به ڪو ڪم ڪرڻو هوندو هو ته پهريان غور و فِڪر ڪندا ها، هن ۾ الله پاڪ جي رضا جو پهلو نظر اچي ته ڪري وٺندا هئا ۽ جيڪڏهن اُخروي نقصان ڏسندا ها ته ان کي ڪرڻ سان رُڪجي ويندا هئا۔ مزيد فرمايائون: قيامت جي ڏينهن ان ماڻهن جو حساب سختي سان ورتو ويندو جيڪي  اڄ دُنيا ۾ عَمَل ڪرڻ مهل غورو فِڪر نٿا ڪن ۽ بنا جائزو وٺڻ جي ڪوبه ڪم ڪن ٿا، اهڙا ماڻهو ڏسندا ته الله پاڪ انهن جو ننڍي کان ننڍو عمل شُمار ڪري رکيو آهي۔([1])

دُعا جي برڪت سان بادل اچي ويا!

    هڪ ڀيري حضرت مُطَرِّف بن شِخّيررَحۡمَةُ الله عَلَيۡه جي خِدمت ۾ ڪجھ ماڻهو حاضِر هئا، شديد گرمي هئي، سڀني کي اُڃ لڳل هئي پر پاڻي موجود نه هو، پاڻ ڪنهن کي پاڻي وٺڻ لاءِ موڪليو، ڪافي دير گذري وئي، پاڻي نه آيو۔ ماڻهن مان ڪنهن وٽ ٿورو پاڻي موجود هو، حضرت مُطَرِّف رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه ان پاڻي سان وُضُو ڪيو ۽ ٻه رڪعت نماز پڙھي دُعا گھري، ان جي برڪت سان هڪدم ڪڪر


 

 



[1]...فیضانِ احیاءُالعلوم، صفحہ:103بتغیر۔