Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

هوندو، علّامه اِبنِ جوزي رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه لکن ٿا: قيامت جي ڏينهن جڏهن ٻانهي کي اَعمَالنامو ڏنو ويندو، هو ڏسندو ته ان ۾ سڀ کان ننڍو گُنَاھ به لکيل آهي ته ٻانهو پنهنجو مٿو جُھڪائيندو ۽ شرم سان پاڻي پاڻي ٿي ويندو، الله پاڪ فرمائيندو: اي ٻانها! مٿو مٿي کڻ...!! ڇا تون هن گُنَاھ کي ڄاڻين ٿو؟ ٻانهو عرض ڪندو: موليٰ! تنهنجي عزّت ۽ جلال جو قسم! مان هن کي ڄاڻان ٿو۔ الله پاڪ فرمائيندو: ٻانها! تو کي ياد آهي، فُلاڻي ڏينهن، فُلاڻي وقت، فُلاڻي هنڌ تو هي گُنَاھ ڪيو هو؟ ٻانهو اقرار ڪندو، الله پاڪ فرمائيندو: تون ماڻهن کان لڪي گُنَاھ ڪيو هو پر تو کي خبر هئي ته مان ڏسي رهيو آهيان، ڇا تو کي مون کان حياءُ نه آيو؟ ڇا تو کي خبر نه هئي ته تو کي موٽي مون ڏانهن اچڻو آهي؟ ان وقت ٻانهي وٽ ڪو جواب نه هوندو، ان وقت ٻانهو شرمسار ٿي رهيو هوندو، ان کي پاڻ سان نفرت ٿيندي ۽ گھٻرائي عَرض ڪندو: موليٰ! تون مون کي جهنّم ۾ داخل ڪر، هن ڌڙڪي ۽ شرم جي نسبت جهنّم ۾ وڃڻ مون لاءِ سولو آهي۔([1])

چھپ کے لوگوں سے کیے جس کے گناہ                      وہ خبردار ہے کیا ہونا ہے

ارے او مجرم بے پَروا دیکھ                                         سر پہ تلوار ہے کیا ہونا ہے([2])

(6): ڇهون شاهد: اسان جا اَعضَا

قيامت جي ڏينهن جي شاهدن ۾ ڇهون شاهد اسان جا اَعضَا هوندا، الله پاڪ فرمائي ٿو:  

یَّوْمَ تَشْهَدُ عَلَیْهِمْ اَلْسِنَتُهُمْ وَ اَیْدِیْهِمْ وَ اَرْجُلُهُمْ بِمَا كَانُوْا یَعْمَلُوْنَ(۲۴)  (پاره:18،سورۂ نور:24)

ترجَموڪنزُالعرفان: جنهن ڏينهن انهن جي خلاف سندن زبانون ۽ سندن هٿ ۽ سندن پير انهن جي عملن جي شاهدي ڏيندا


 

 



[1]...بستان الواعظین، صفحہ:89خلاصۃً۔

[2]...حدائقِ بخشش، صفحہ:167۔