Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

قيامت جي ڏينهن ڪهڙو جواب ڏينداسين؟

اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! ان ڏينهن اسان ڪيئن حِسَاب ڏئي سگھنداسين...؟ پر افسوس! اسان ڊڄون نٿا، سُستي ڪريون ٿا، غفلت ۾ ورتل آهيون، مال ۽ دولت جي حِرص، دُنياوي عهدن جي طلب ۽ نفس ۽ شيطان جي ورغلائڻ ۾ اچي آخرت کي وساريون ٿا ۽ گُنَاهن ۾ بلڪه بُرائين ۾ ڦاٿل رهون ٿا، توبه کان پري ڀڄون ٿا، ماڻهن کان ڀلي ئي شرمايون پر رَبِّ رحمٰن کان حياء نٿا ڪيون، رات جي اونداھي ۾، بند ڪمري ۾ لڪي گُنَاهن جو بازار گرم ڪريون ٿا، پر ياد رکو! قيامت جي ڏينهن اسان جو ڪو عَمَل لڪي نٿو سگھي، هر ننڍي کان ننڍو، وڏي کان وڏو عَمَل اسان جي سامهون رکيو ويندو۔الله پاڪ فرمائي ٿو:

فَمَنْ یَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ خَیْرًا یَّرَهٗؕ(۷) وَ مَنْ یَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ شَرًّا یَّرَهٗ۠(۸) (پاره:30،سورۂ زلزال:7-8)

          ترجَموڪنزُ العرفان: پوءِ جيڪو هڪ ذري برابر ڀلائي ڪري اهو اُن کي ڏسندو. ۽ جيڪو هڪ ذري برابر بُرائي ڪري اهو ان کي ڏسندو.

خُدائے قَہّار ہے غضب پر، کُھلے ہیں بدکاریوں کے دفتر

بچا لو آ کر شفیعِ مَحْشَر تمہارا بندہ عذاب میں ہے([1])

ڪا بُرائي لڪي نٿي سگھي

حضرت لقمان حڪيم رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه جيڪي الله پاڪ جا نيڪ ٻانها آهن، الله پاڪ کين حڪمت ۽ دانائي عطا فرمائي هئي، پاڻ پنهنجي پٽ کي نصيحت


 

 



[1]...حدائقِ بخشش، صفحہ:181۔