Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

به گُنَاهن کان نٿا مڙون۔

گناہوں کی عادت بڑھی جا رہی ہے                             کرم یاالٰہی! کرم یاالٰہی!

گناہوں سے بھر پور نامہ ہے میرا                               مجھے بخش دے کر کرم یاالٰہی!

تُلیں میرے اعمال میزاں پہ جس دم                       پڑے اِک بھی نیکی نہ کم یاالٰہی!([1])

وڏو جاهل ڪير...؟

هڪ ڀيري خليفه عبد الملڪ بن مروان حضرت منصور بن عمّار رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه کي چيو: اي منصور! هڪ سُوال آهي، مان اوهان کي هڪ سال جي مهلت ڏيان ٿو، هن جو جواب تلاش ڪريو! اهو سوال هي آهي ته سڀ کان وڏو عقل مند ڪير آهي؟ ۽ سڀ کان وڏو جاهل ڪير آهي؟ منصور بن عمّار رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه سُوال ٻڌي جواب جي ڳولها جي لاءِ محل کان نڪتا، اڃا کلي فِضا ۾ آيا ئي هئا ته هڪدم واپس موٽي ويا، خليفي عبد الملڪ بن مروان جڏهن پاڻ کي ڏٺو ته چيائين: اي منصور رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه! ڇا جواب مِلي ويو؟ فرمايائون: ها! سڀ کان وڏو عقل مند اهو آهي جيڪو نيڪيون ڪري به خوف زدھ رهندو آهي ۽ سڀ کان وڏو جاهل اهو آهي جيڪو گناھ به ڪري ٿو، پوءِ به الله پاڪ جي قهر کان ڊڄي نٿو۔

هي ٻُڌي ڪري عبد الملڪ بن مروان روئڻ لڳو، پوءِ چيائين: اي منصور رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه! خُدا جو قسم! اوهان ٺيڪ چيو۔ مون کي دِل جي شِفَا يعني قرآنِ ڪريم جي ڪا آيت ٻڌايو! مَنصُور بن عمّار رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه سيپاري: 3، سورت آلِ عمران جي هي آيتِ ڪريمه پڙھي:

یَوْمَ تَجِدُ كُلُّ نَفْسٍ مَّا عَمِلَتْ مِنْ خَیْرٍ مُّحْضَرًا ﳝ- وَّ مَا عَمِلَتْ مِنْ سُوْٓءٍۚۛ    (پاره:3،سورۂ آلِ عمران:30)

ترجَموڪنزُالعرفان: (ياد ڪريو) جنهن ڏينهن هر شخص پنهنجا تمام سٺا ۽ خراب عمل پنهنجي سامهون موجود  ڏسندو


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:110-111 ملتقطاً۔