Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

ڏسي مون کي گھڻي خوشي ٿي، ان رسالي جي صُورت ۾ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جي اِصلاحِ اُمَّت جي لاءِ تڙپ ڏسي مان هٿو هٿ بيعت جي لاءِ نالو ڏنو ۽ عطّاري بڻجي ويس، وقت جي ڪامِل ولي سان نسبت ڇا ٿي، دِل گُنَاهن کان بيزار ۽ نيڪين ڏانهن مائل ٿي وئي، مون گُنَاهن کان توبه ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول کي دِل و جان سان اپنائي ورتو، ان جي برڪت سان منهنجا اَخلاق سَنوَرڻ لڳا، منهنجي هن تبديلي جو منهنجي گھر وارن تي به سٺو اَثر ٿيو، الحمد لله! آهسته آهسته سڄو گھر ئي قادري، رضوي، عطّاري ٿي ويو، گھر ۾ نمازن جي پابندي شروع ٿي، فلمون ڊراما، ڳائڻ وڄائڻ بند ٿي ويو ۽ گُنَاهن ڀرين چينلز جي جڳھ تي مدني چينل هلڻ لڳو۔ ([1])

خوب مَدنی قافِلوں کی دھوم ہو                               نیک ہو امَّت اے نانائے حسین

’’مَدنی اِنعامات‘‘ کی ہو ریل پیل                           نیک ہو امَّت اے نانائے حسین([2])

پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ مدني انعامات کي هاڻي نيڪ اَعمَال چيو ويندو آهي۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اپيلي ڪيشن جو تعارف

اي عاشقانِ رسول! الحمد لله! دعوت اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ عوام جي آساني ۽ اُمّتِ مصطفيٰ جي غمخواري جي لاءِ موبائل ايپلي ڪيشن Online rohani ilaj & istikhara متعارف ڪرائي آهي۔ هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان اوهان * آن لائن استخاره ڪرائي سگھو ٿا * بيماري، نظرِ بد، جادُو، آسيب وغيره مسئلن جي حل جي لاءِ في سبيل الله تعويذات حاصِل ڪري سگھو ٿا * ۽ آن لائن ڪاٽ به ڪرائي سگھو ٿا۔ مزيد هن ايپلي ڪيشن ۾ * بيماري * غربت


 

 



[1]...دلوں کا چین، صفحہ:4۔

[2]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:258۔