Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

اچي ويا، برسات ٿي، حضرت مُطَرِّف رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه ۽ سندن ساٿين خوب پاڻي پيتو ۽ اُڃ مٽائي۔ بعد ۾ ڪنهن پڇيو: سائين! اوهان هي رتبو ڪيئن ماڻيو؟ فرمايائون: مان پنهنجو اَعمال نامو پنهنجي سامهون رکندو آهيان(يعني پنهنجن عملن تي غور ڪندو رهان ٿو) ۽ ڏينهن رات هن تَصَوُّر ۾ رهان ٿو ته ڄڻ قيامت قائِم آهي ۽ مان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پنهنجو اَعمَالنامو پڙھي رهيو آهيان۔([1])

بيا ن جو خلاصو

   ڪاش! اسان کي به اهڙي توفيق ملي وڃي! اسان به پنهنجن عملن تي غور و فِڪر ڪندا رهون، قيامت جي حساب کان پهريان دُنيا ئي ۾ پاڻ پنهنجي عملن جو حساب ڪندا رهون، نه ته قيامت جي ڏينهن جيڪڏهن حساب ورتو ويندو ته يقين مڃو! گھڻي دُشواري ٿي ويندي، افسوس! هي زمين، هي ڏينهن ۽ رات، اسان جا عمل لکندڙ ملائڪ، اسان جو اَعمَال نامو، ايستائين جو اسان جا عضوا به اسان جي خِلاف شاهد ٿي ويندا، اهڙي صُورت ۾ نجات ڪيئن ٿي سگھندي...؟ ان ڪري لازِم آهي ته اسان اڄ ئي بارگاھ اِلٰهي ۾ پيشي کان ڊڄون، پنهنجو جائِزو وٺندا رهون، الله پاڪ کان بي حساب جنّت جو سوال ڪريون ۽ بِلاحساب جنّت ڏيارڻ وارا عمل به ڪندا رهون۔ الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔  آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال

الحمد لله! اڄوڪي دور جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت حضرت علّامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه هن پُرفتن دور ۾ اسان کي نيڪ بڻجڻ ۽ پنهنجي عملن جو جائزو وٺندو رهڻ جو نهايت آسان طريقو عطا فرمايو آهي ۽ اهو آهي


 

 



[1]...بُستانُ الواعظین، صفحہ:97۔