Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

هي ٻڌي خليفه عبد الملڪ بن مروان بيهوش ٿي ويو، جڏهن هوش ۾ آيو ته چيائين: اي مَنصُور رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه ! الله پاڪ جي فرمان:

وَ یُحَذِّرُكُمُ اللّٰهُ نَفْسَهٗؕ    (پاره:3،سورۂ آلِ عمران:28)

ترجَموڪنزُالعرفان: ۽ الله توهان کي پنهنجي غضب کان ڊيڄاري ٿو.

جي ڇا معنيٰ آهي؟ حضرت مَنصُور رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه فرمايو: مطلب هي آهي ته الله پاڪ توهان کي پنهنجي پڪڙ ۽ گرفت کان ڊيڄاري ٿو۔

هي ٻڌي خليفه عبد الملڪ بن مروان روئڻ لڳو، ايستائين جو بيهوش ٿي ويو، پوءِ جڏهن هوش  ۾ آيو ته چيائين: الله پاڪ جو قسم! جيڪو هن آيت ۾ غور و فِڪر ڪري پوءِ به پنهنجي رَبّ جي نافرماني ڪري ٿو، اهو سڌي واٽ کان گھڻو ڀٽڪيل آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! واقعي معاملو اهڙو ئي آهي، اسان مسلمان آهيون، اسان جو عقيدو آهي ته قيامت قائِم ٿيندي، اسان ڄاڻون ٿا ۽ مڃون ٿا ته قيامت جي ڏينهن هڪ هڪ عَمَل جو حساب ڏيڻو پوندو، اسان هي به ڄاڻون ٿا ته قيامت جي ڏينهن اسان وٽ ڪو عذر نه هوندو، ان جي باوُجُود اسان گُنَاھ ڪريون، نافرمانيون ڪندا رهون، توبه جي طرف نه وڌون، ته ٻڌايو! اسان کان وڏو نادان ڪير هوندو؟ ڪاش! اسان قيامت جي ڏينهن جي حساب جي سنگيني کي سمجھي سگھون، ڪاش! اسان کي بارگاھ اِلٰهي ۾ پيشي جو خوف نصيب ٿي وڃي.

بارگاھ اِلٰهي ۾ پيشي جو خوف

حضرت شيخ سَعدي شِيرازي رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه فرمائن ٿا: مسجد الحرام ۾ ڪجھ ماڻهو ڪعبة الله شريف جي قريب عبادت ۾ مصروف هئا۔ اوچتو هڪ شخص کي ڏٺو ته ديوارِ ڪعبه کي ڀاڪر پائي روئي رهيو آهي ۽ ان جي چپن تي هي دعا جاري


 

 



[1]...بُستان الواعظین، صفحہ:79۔