Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

گنهگار جا ڪم نه ايندڙ دليل

وعظ ۽ نصيحت جي ڪتابن ۾ لکيل آهي: قيامت جي ڏينهن هڪ شخص کي سندس اعمال نامو ڏنو ويندو، هو عَرض ڪندو: موليٰ! هن ۾ جيڪو ڪجھ لکيل آهي، مون هي ناهي ڪيو، هن تي ڪراماً ڪاتبين (يعني عمل لکندڙ ملائڪن) کي آندو ويندو، ٻانهو عَرض ڪندو: موليٰ! هي ملائڪ آهن، هي تنهنجي حڪم جا پابند آهن، مان اهي ئي شاهد قبول ڪندس جيڪي مون مان هجن۔ الله پاڪ ان ٻانهي جي زبان کي حڪم ڏيندو: منهنجي قُدرت سان ڳالهاءِ! ۽ حق کان سِوا ٻيو ڪجھ نه چئجان۔ ٻانهي جي زبان اُن جا سمورا چڱا برا عمل بيان ڪندي۔ ٻانهو وري عَرض ڪندو: موليٰ! هي  ئي ته زبان آهي جيڪا اَڪثَر گُنَاھ ڪرائي ٿي، هي ته هونئن ئي منهنجي دُشمن آهي، منهنجي خِلاف منهنجي دُشمن جي شاهدي ڪيئن معتبر ٿي سگھي ٿي؟

هاڻي الله پاڪ ٻانهي جي هٿن کي حڪم فرمائيندو: اِنْطِقَا بِمَافَعَلَ عَبْدِي يعني (اي هن شخص جا هٿ!) ٻڌايو منهنجي ٻانهي ڪهڙا ڪهڙا عَمَل ڪيا آهن؟ ان جا هٿ سڀ ڪجھ سچ سچ بيان ڪندا۔ ٻانهو وري عَرض ڪندو: موليٰ! هي ٻئي هٿ گڏجي هڪ شاهد آهي، ٻيو شاهد اڃا باقي آهي۔ الله پاڪ ان جي پيرن کي فرمائيندو: توهان ڇا چئو ٿا؟ منهنجي ٻانهي جيڪو ڪجھ ڪيو، ان جي سچ سچ شاهدي ڏيو...!! هاڻي ان جا پير به ان جي خِلاف شاهدي ڏيندا۔

هاڻي ٻانهي جا سمورا مطالبا مڃيا ويندا، ان جي گُنَاهن تي شاهديون قائِم ٿي چڪيون هونديون ته هو اچرج ۾ پئجي ويندو ۽ پنهنجي عضوئن کي ڇڙٻيندي چوندو: اي منهنجا عضوؤ...!! توهان ۽ مان هڪ ئي ته آهيون، مان جهنّم ۾ ويس ته توهان به جهنّم ئي ۾ سڙندؤ، مان توهان کي بچائڻ جي لاءِ ئي ته پنهنجي رَبّ جي بارگاھ ۾ هر هر حيلو ڳولهي رهيو هيس ۽ توهان منهنجي (يعني پاڻ پنهنجي) ئي خِلاف شاهدي ڏئي رهيا آهيو؟ ان جا عضوا (مثلاً هٿ، پير وغيره) چوندا: اسان الله پاڪ جي حڪم سان ڳالهائي رهيا آهيون، اهو ئي