Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

: نيڪ اَعمَال جو رسالو. اسلامي ڀائرن جي لاءِ 72 نيڪ اَعمَال ۽ اسلامي ڀينرن جي لاءِ 63 نيڪ اعمال۔ هن مختصر رسالي ۾ مختلف سُوال ڏنا ويا آهن، هر سوال جي هيٺ خالي خانا آهن، روزانو وقت مقرر ڪري انهن سوالن کي پڙھي ها يا نه جي صُورت ۾ خالي خانن کي ڀرڻو آهي، پنهنجي عملن جو جائِزو وٺڻ جو هي بهترين ۽ آسان طريقو آهي۔ اوهان به مڪتبة المدينه تان هي رسالو طلب ڪريو!

  الحمۡد لله! دعوتِ اسلامي جي آئي، ٽي ڊپارٽمنٽ نيڪ اعمال ايپلي ڪيشن به جاري ڪئي آهي، پنهنجي موبائل ۾ نيڪ اعمال ايپلي ڪيشن انسٽال ڪريو، روزانو پنهنجي مرضي جو ڪو به وقت مقرر ڪري پنهنجي عملن جو جائزو وٺو، ڪجھ منٽن جي لاءِ رسالو کوليو، هڪ هڪ سوال پڙھندا وڃو ۽ هيٺ ڏنل خانن ۾ عمل ڪرڻ جي صورت ۾ ها ۽ عمل نه هئڻ جي صورت ۾ نه جو نشان لڳائيندا وڃو ۽ ان جي مُطَابق زِندگي گذاريو، اِنْ شَآءَ الله الْڪَرِيْم! ان جون برڪتون پاڻ ئي ڏسي وٺندؤ۔ ياد رهي! نيڪ عملن جي ذريعي پنهنجو جائزو وٺڻ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ دِيني ڪم به آهي۔ اچو! ترغيب جي لاءِ مدني بهار ٻڌون ٿا:

سڄو گھر سُڌري ويو

ضلعي اَٽڪ (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي، مان گُنَاهن سان ڀرپُور زندگي گذاري رهيو هئس، فلمون ڏسڻ، آوارھ گردي ڪرڻ، نمازون قضا ڪرڻ وغيره منهنجي معمول ۾ شامِل هو، هڪ ڀيري اسان جي علائقي ۾ عاشقانِ رسول جو مدني قافلو آيو، انهن مان هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي مغرب جي نماز پڙھڻ ۽ بيان ۾شرڪت جي دعوت ڏني، منهنجي خوشنصيبي جو مان انهن سان گڏ مسجد ۾ هليو ويس، مغرب کان بعد بيان ٻُڌي گھڻو لطف آيو، بيان جي آخر ۾ مبلغ نيڪ اعمال نالي رسالي جو تعارُف ڪرايو، رسالي نيڪ اَعمَال ۾ لکيل نيڪين ڀري زِندگي گذارڻ جا مدني گل