Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

اسان جا پنهنجا ئي عضوا، اسان جا هٿ، اسان جا پير، اسان جي زبان، اسان جي کَل اسان جي ئي خِلاف شاهدي ڏئي رهي هوندي، هن صُورت ۾ نجات ماڻڻ انتهائي دُشوار هوندو۔ يقيناً لائق رَشڪ اهو ئي آهي جنهن کي الله پاڪ پنهنجي رَحمت سان جنّت ۾ داخِله نصيب فرمائي ڇڏي۔

امتحاں کے کہاں قابِل ہوں میں پیارے اللہ!      بےسبب بخش دے مولیٰ! ترا کیا جاتا ہے؟([1])

نجات ماڻڻ وارو قابِلِ رشڪ آهي

امام حَسَن بصري رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه فرمائن ٿا: تعجب هن ڳالھ تي نه آهي ته هلاڪ ٿيڻ وارو هلاڪ ڪيئن ٿيو؟ تعجب ته هن ڳالھ تي آهي جو نجات ماڻڻ وارو نجات ڪيئن ماڻي ويو؟([2])يعني قيامت جي ڏينهن حساب ڪتاب جو معاملو ايترو سخت ۽ دُشوار آهي جو ان ۾ ناڪام ٿي جهنّم جو حق دار بڻجڻ تمام سولي ڳالھ آهي پر نجات ماڻي جنّت جو حقدار بڻجڻ انتهائي دُشوار آهي، لهٰذا حيرت هن ڳالھ تي ناهي جو جهنّم ۾ وڃڻ وارو جهنّم ۾ ڪيئن ويو، حيرت ته هن ڳالھ تي آهي جو حساب ڪتاب مان نجات ماڻڻ واري کي نجات ڪيئن مِلي وئي؟

مجھے نارِ دوزخ سے ڈر لگ رہا ہے             ہو مجھ ناتواں پر کرم یااِلٰہی!

گُنَاہوں سے بھرپُور نامہ ہے میرا             مجھے بخش دے کر کرم یااِلٰہی!

میں تھا لائقِ نارِ دوزخ خُدایا                     دِی جنّت ہے کتنا  کرم یااِلٰہی!([3])

قيامت جو هوش اُڏائيندڙ منظر

اي عاشقانِ رسول! اسان دُنيا ۾ ته اچي وياسين پر هاڻي نجات ڪيئن ملندي؟ ٿورو تَصَوُّر ڪريو! اهو ڏينهن ڪيترو هولناڪ ڏينهن هوندو، جڏهن حضرت


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:432۔

[2]...آداب حسن بصری لابن جوزی، صفحہ:24۔

[3]...وسائلِ بخشش، صفحہ:110ملتقطاً۔