Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

فرمائي، جنهن جو ذِڪر قرآنِ ڪريم ۾ به آهي، پاڻ فرمايائون:

یٰبُنَیَّ اِنَّهَاۤ اِنْ تَكُ مِثْقَالَ حَبَّةٍ مِّنْ خَرْدَلٍ فَتَكُنْ فِیْ صَخْرَةٍ اَوْ فِی السَّمٰوٰتِ اَوْ فِی الْاَرْضِ یَاْتِ بِهَا اللّٰهُؕ-اِنَّ اللّٰهَ لَطِیْفٌ خَبِیْرٌ(۱۶)

  (پاره:21،سورۂ لقمان:16)

ترجَموڪنزُ العرفان: اي منهنجا پٽ! بُرائي جيڪڏهن رائي جي ڌاڻي جي برابر هجي پوءِ اها پٿر جي چٽان ۾ هجي يا آسمانن ۾ يا زمين ۾، الله ان کي آڻيندو بيشڪ الله هر سنهي کان سنهي شيءِ کي ڄاڻڻ وارو خبردار آهي.

معلوم ٿيو؛ بُرائي چاهي ڪيتري ئي ننڍي هجي ۽ ڪيتري ئي لڪائي ڪجي، قيامت جي ڏينهن الله پاڪ ان بُرائي کي سامهون آڻيندو، بيشڪ الله پاڪ هر ننڍي کان ننڍي، باريڪ کان باريڪ  ڳالھ کي ڄاڻيندڙ، خبروار آهي۔

چھپ کے لوگوں سے کیے جس کے گناہ               وہ خبردار ہے کیا ہونا ہے

ارے او مجرم بے پَروا دیکھ                               سر  پہ  تلوار  ہے  کیا  ہونا  ہے([1])

قيامت جي ڏينهن ڪهڙو جواب ڏينداسين...؟

بعض آسماني ڪتابن ۾ آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو: اي منهنجا ٻانها! تون ڪيستائين منهنجي نافرماني ڪندو رهندين؟ ڇا مون توکي پنهنجي دستِ قُدرت سان پيدا ناهي فرمايو؟ ڇا مون تون ۾ رُوح ناهي وڌو؟ ڇا تون نٿو ڄاڻين ته مان اطاعت ڪرڻ وارن سان ڪهڙو معاملو ڪيان ٿو؟ ڇا توکي خبر ناهي ته مان نافرماني ڪرڻ وارن جي ڪهڙي گرفت ڪيان ٿو؟ ڇا توکي حياءُ نٿو اچي؟ تون مصيبت جي وقت مون کي ياد ڪرين ٿو پر خوشحالي ۾ وساري ڇڏين ٿو، نفساني خواهشن تنهنجي دِل انڌي ڪري ڇڏي آهي، تون ڪيستائين سُستي ڪندين؟ تون وٽ ان مهل ڪهڙو جواب هوندو جڏهن تنهنجا عضوو


 

 



[1]...حدائقِ بخشش، صفحہ:167۔