Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

نيڪي ڪر ته جيئن مان تنهنجي نيڪي جي شاهدي ڏيان، منهنجي وڃڻ کان بعد تون ڪڏهن مون کي نه ڏسي سگھندين۔ رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وڌيڪ فرمايو: رات جڏهن ايندي آهي، اها به ايئن اعلان ڪندي آهي۔([1])

دن رات مسلسل ہے گناہوں کا تَسَلسُل                       کچھ تم ہی کرو نا یہ نُحُوست نہیں جاتی

گو پیشِ نظر قبر کا پُرھول گڑھا ہے                                   افسوس! مگر پھر بھی یہ غفلت نہیں جاتی([2])

(4): ڪراماً ڪاتبين

قيامت جي ڏينهن اسان تي چوٿون شاهد اسان جا عمل لکڻ وارا ملائڪ ڪراماً ڪاتبين هوندا۔ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ اِنَّ عَلَیْكُمْ لَحٰفِظِیْنَۙ(۱۰) كِرَامًا كَاتِبِیْنَۙ(۱۱) یَعْلَمُوْنَ مَا تَفْعَلُوْنَ(۱۲) (پاره:30،سورۂ انفطار:10تا12)

ترجَموڪنزُالعرفان: بيشڪ توهان تي ڪجھ ضرور نگهبان مقرر آهن. معزز لکڻ وارا. اهي ڄاڻن ٿا جيڪو ڪجھ توهان ڪيو ٿا

 غيب ڄاڻڻ واري آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: انسان زندگي جي مقصد کان غافِل آهي، جڏهن الله پاڪ ڪنهن انسان جي پيدائش جو ارادو فرمائي ٿو ته ملائڪ کي حڪم ڏي ٿو: هن جو رِزق ۽ هن جي موت جو وقت لکو! ملائڪ لکندو آهي ۽ موٽي ويندو آهي، پوءِ هڪ ٻيو ملائڪ مقرر ڪيو ويندو آهي جيڪو ان جي پيدائش تائين حفاظت ڪندو آهي، پوءِ جڏهن انسان پيدا ٿئي ٿو ته 2 ملائڪ ان سان گڏ مقرر ڪيا ويندا آهن جيڪي موت تائين ان جون نيڪيون ۽ گُنَاھ لکندا رهن ٿا، پوءِ جڏهن انسان جي موت جو وقت ايندو آهي تڏهن هي ملائڪ آسمانن ڏانهن هليا ويندا آهن، پوءِ جڏهن قيامت قائِم


 

 



[1]...حلیۃ الاولیا، جلد:2، صفحہ:344، رقم:2501۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:382ملتقطاً۔