Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

ٿيندي ته هي ملائڪ ٻانهي وٽ پهچندا، ان جو اَعمَالنامو ان جي گلي ۾ وجھندا، هڪ ملائڪ ان کي هڪليندي ميدانِ محشر ڏانهن وٺي ويندو ۽ ٻيو ملائڪ ان تي شاهدي ڏيندو۔([1])

چھپ کے لوگوں سے گناہوں کا رہا ہے سلسلہ              تیرے آگے یاخدا ہر جُرم کا اظہار ہے([2])

(5): اَعمَال نامو

قيامت جي ڏينهن پنجون شاهد اسان جا اَعمَالناما هوندا، جن کي ڪراماً ڪاتبين مسلسل لکي رهيا آهن، انهن اَعمَالنامن ۾ اسان جو هر ننڍو وڏو عَمَل لکيل هوندو، صحابيء رسول حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ الله عنۡه کان روايت آهي، سرورِ عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: تمام اَعمَالناما عرش جي هيٺ آهن، جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو ته الله پاڪ هڪ هوَا موڪليندو جيڪا اَعمَال نامن کي اُڏائي ڪنهن جي ساڄي ۽ ڪنهن جي کاٻي هٿ ۾ پهچائيندي، اَعمَال نامي تي پهرين تحرير هي هوندي: ([3])

اِقْرَاْ كِتٰبَكَؕ-كَفٰى بِنَفْسِكَ الْیَوْمَ عَلَیْكَ حَسِیْبًاؕ(۱۴)  (پاره:15،سورۂ بني اسرائيل:14)

ترجَموڪنزُالعرفان: (فرمايو ويندو ته) پڙھ پنهنجو اعمالنامو اڄ پنهنجي حساب ڪرڻ جي واسطي تون پاڻ ئي ڪافي آهين.

امام حسن بصري رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه فرمائن ٿا: پنهنجو اعمال نامو هر هڪ پڙھندو، چاهي هو دُنيا ۾ پڙھڻ ڄاڻندو هجي يا نه ڄاڻندو هجي۔([4])

پيارا اسلامي ڀائرو! قيامت جي ڏينهن هي مرحلو پڻ نهايت ڏکيو گذريو


 

 



[1]...حلیۃ الاولیا، جلد:3، صفحہ:221، رقم:3775۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:478۔

[3]...الضعفاء للعقیلی، جلد:4، صفحہ:1566، حدیث:2105۔

[4]...تفسیرِ کبیر، پارہ:15، سورۂ بنی اسرائیل، تحت الآیۃ:14، جلد:7، صفحہ:309۔