Book Name:Qayamat Kay Din Kay Gawah

مون کي جهنّم کان نجات ملي ته مان ضرور پنهنجي گُنَاهن جو اقرار ڪندس۔ پوءِ ان کي پُل صراط تان آساني سان گذاريو ويندو۔ هاڻي ٻانهو سوچندو: جيڪڏهن مون پنهنجي گُنَاهن جو اقرار ڪيو ته ڪٿي ٻيهر جهنّم ۾ نه داخل ڪيو وڃان۔ (هي اڃا انهيء سوچن ۾ هوندو، هوڏانهن) الله پاڪ فرمائيندو: اي شخص! پنهنجي گُنَاهن جو اقرار ڪر! مان توکي بخشي ڇڏيندس، تو کي جنّت عطا فرمائيندس۔

ٻانهو چوندو: نه موليٰ! تنهنجي عزّت جو قسم! مون ته ڪڏهن ڪو گُنَاھ ناهي ڪيو، نه مون کان ڪا خطا ٿي آهي۔ الله پاڪ فرمائيندو: اي ٻانها! مون وٽ تنهنجي خِلاف شاهد آهن۔ ٻانهو گھٻرائجي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳندو، ڪو نظر نه ايندو ته عَرض ڪندو: اي الله پاڪ! شاهد ڪٿي آهن؟ هاڻي الله پاڪ جي حڪم سان ان جي چمڙي (Skin) ڳالهائيندي ۽ ان جا تمام صغيره گُنَاھ بيان ڪندي۔ هاڻي ان کي خبر پوندي ته ڇوٽڪاري جي ڪا صُورت نه آهي، پوءِ پنهنجي گُنَاهن جو اقرار ڪندي عَرض ڪندو: موليٰ! تنهنجي عزّت جو قسم! مون ڪبيره گُنَاھ به ڪيا آهن۔ الله پاڪ فرمائيندو: مون کي خبر آهي، تون سڀني گُنَاهن جو اقرار ڪر! مان تون کي بخشي ڇڏيندس، توکي جنّت به عطا ڪندس۔ پوءِ ٻانهو پنهنجي تمام گُنَاهن جو اقرار ڪندو، تڏهن ان کي جنّت ۾ داخِل ڪيو ويندو۔ رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هي سڀ کان گھٽ رُتبي وارو جنّتي هوندو۔([1])

گناہگار ہوں مَیں لائقِ جہنّم ہوں                                     کرم سے بخش دے مجھ کو نہ دے سزا یارَبّ

برائیوں پہ پشیماں ہوں رحم فرما دے                           ہے تیرے قہر پہ حاوِی تری عطا یارَبّ!

گُناہ بےعدد اور جُرم بھی ہیں لاتعداد                              معاف کر دے نہ سہ پاؤں گا سزا یارَبّ! ([2])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...معجمِ کبیر،جلد:4،صفحہ:287،حدیث:7567۔

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:78ملتقطاً۔