Book Name:Safai Suthrai

چوڪ دَرس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، خوش قسمتي سان مون ان جي ڳالھ توجھ سان ٻڌي، پوءِ مان روزانو ان جي دَرس ۾ شريڪ ٿيڻ لڳس، ڏينهو ڏينهن منهنجي اندر تبديلي اچڻ لڳي، پوءِ آهسته آهسته مان دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ به شرڪت ڪرڻ لڳس، اسلامي ڀائرن جو طرزِ زِندگي ڏسي دِل خوش ٿيندي هئي، هيئن الحمد لله! مان سڌري ويس، مون فلم ڏسڻ کان توبه ڪئي ۽ پهريان جيڪو وقت مان ڪرڪيٽ ۾ برباد ڪندو هئس، هاڻي ديني ڪمن ۾ مَصرُوف رهان ٿو۔

زمانے بھر میں مچا دیں گے دُھوم سُنت کی                اگر کرم نے ترے ساتھ دے دیا یاربّ!

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!     جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

پاڻي پيئڻ جون 13سنتون ۽ آداب

فرمانِ آخري نبي رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: اُٺ جيان هڪ ئي ساھي ۾ نه پيو بلڪ ٻه يا ٽي ڀيرا (ساھ کڻي) پيو ۽ پيئڻ کان پهريان بِسم الله پڙھو ۽ فراغت تي الحمد لله چئو.


 

 



[1]... مشکوٰۃ، کتابُ: الْاِیمان، بابُ: الْاِعْتِصَام، جلد: 1، صفحہ: 55، حدیث: 175۔