Book Name:Safai Suthrai

ايندي آهي۔ بهرحال! اندازو ڪيو! جيڪو شخص روزانو ڏينهن ۾ 12 ڀيرا هٿ ڌوئي ٿو، ڇا ان کي هٿ ڌوئڻ جي ترغيب ڏيارڻ جي لاءِ ڪنهن ڏهاڙي جي، Hand washing Day جي ضرورت رهندي؟ نه رهندي، هو روزانو هٿ ڌوئي ٿو، لهٰذا هٿ ڌوئڻ ان جي مزاج جو حِصو بڻجي ويندو۔

اها آهي اسلام جي خصوصيت جو اسلام اسان کي صفائي سُٿرائي جو پُورو نظام فراهم ڪري ٿو جنهن جي بدولت صَفَائي سُٿرائي اسان جي مزاج جو حِصّو بڻجي ويندي آهي۔ لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان اسلام جي عطا ڪيل صفائي سُٿرائي جي نظام کي اپنايون ۽ صفائي سُٿرائي جو مزاج بڻايون۔ اسلامي تعليمات کان دُوري جي ڪري کوڙ سارا ماڻهو آهن جيڪي مخصوص موقعن تي ته صفائي سُٿرائي جو وڏو اهتمام ڪندا آهن پر انهن جي مزاج ۾ صَفَائي سُٿرائي ناهي هوندي، ان ڪري ڪجهه ماڻهن جو ظاهر گھڻو سٺو هوندو آهي پر حقيقت ۾ صَفَائي سُٿرائي ناهي هوندي، مثال طور ڪجهه اهڙا هوندا آهن جو انهن سان ڳلي ملو ته خوشبو سان دماغ معطر ٿي ويندو آهي پر اهو ئي شخص جڏهن پنهنجا جوتا لاهي ته جورابن مان ڌپ ايتري نڪري جو بس...! الله پاڪ جي پناھ!

ان ڪري صفَائي سُٿرائي جو مزاج اپنائڻ گھرجي، جيڪڏهن صفائي سُٿرائي اسان جي مزاج جو حِصو بڻجي وڃي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اسان هر لحاظ سان صاف سٿرا رهڻ وارا بڻجي وينداسين۔

(3): صفائي بابت اسلامي تعليم جي ٽئين خصوصيت

صفائي سُٿرائي بابت اسلامي تعليمات جي ٽئين خصوصيت اها آهي ته اسلام اسان کي فيشن طور صاف سٿرو رهڻ جي ترغيب نٿو ڏئي، بلڪه اسلام ۾