Book Name:Safai Suthrai

اِنَّ اللّٰهَ یُحِبُّ التَّوَّابِیْنَ وَ یُحِبُّ الْمُتَطَهِّرِیْنَ(۲۲۲)  (پاره:  2، سورة البقرة: 222)    

ترجمو ڪنزُالعِرفان: بيشڪ الله گهڻي توبه ڪرڻ وارن سان محبت فرمائي ٿو ۽ خوب صاف سٿرو رهڻ وارن کي پسند فرمائي ٿو.

تفسير صراط الجنان ۾ آهي: هر صاحبِ ذَوق شخص هن ڳالھ کان چڱي نموني واقف آهي ته اَميري هجي يا فقيري هر حال ۾ صَفائي سُٿرائي انسان جي وقار ۽ شرف جي آئينه دار آهي جڏهن ته گندگي انسان جي عزّت ۽ عظمت جي بدترين دُشمن آهي. دينِ اسلام جتي انسان کي ڪفر ۽ شرڪ جي نجاستن کان پاڪ ڪري عزّت ۽ بلندي عطا ڪئي آهي، اتي ظاهري طهارت، صَفائي سُٿرائي ۽ پاڪيزگي جي اعليٰ تعليمات جي ذريعي انسانيت جو وقار بلند ڪيو آهي، بدن جي پاڪيزگي هجي يا لباس جي سُٿرائي، ظاهري شڪل ۽ صُورت جي عمدگي هجي يا طور طريقي جي چڱائي، مڪان ۽ ساز و سامان جي بهتري هجي يا سُواري جي صفائي، مطلب؛ هر هر شيء کي صاف سٿرو ۽  نگاھ کي وڻندڙ رکڻ جي دِينِ اسلام ۾ تعليم ۽ ترغيب ڏني وئي آهي۔([1]) 

صَفَائي سُٿرائي جي اهميت تي چار حديثون

(1): حضرت ابومالِڪ اَشعَري رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ کان روايت آهي: نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: پاڪيزگي نِصف (اڌ) ايمان آهي([2]) (2):اُمُّ المُؤمِنِين حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنۡهَا کان روايت آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: بيشڪ اسلام صاف سٿرو (دين) آهي، توهان


 

 



[1]... تفسیر صراط الجنان، پارہ: 11، سورۂ: توبہ، تحت الآیۃ: 108، جلد: 4، صفحہ: 239-240 ۔

[2]... معجم کبیر، جلد: 2، صفحہ: 377، حدیث: 3346۔