Book Name:Safai Suthrai

جن فرمايو: پيشاب کان بچو! عام طَور تي قبر جو عذاب انهيءَ سبب ٿيندو آهي۔([1])

حضرت قتاده رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ فرمائن ٿا: اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته قبر جي عذاب کي ٽن حِصَّن ۾ ورهايو ويو آهي (1): هڪ ٽهائي (One Third) عذاب غيبت جي سبب (2): هڪ ٽهائي عذاب چغلي جي سبب (3): ۽ هڪ ٽهائي عذاب پيشاب (جي ڇنڊن کان پاڻ کي نه بچائڻ) جي سبب ٿئي ٿو۔([2])

پاڪ شيء کي ناپاڪ ڪرڻ حرام آهي

 اي عاشقانِ رسول! پاڻ کي ناپاڪي کان بچائڻ جو مُعَاملو صِرف پيشاب جي ڇنڊن سان خاص نه آهي بلڪ پنهنجي بدن ۽ ڪپڙن وغيره کي هر طرح جي ناپاڪي کان بچائڻ شرعي طور لازم ۽ ضروري آهي۔ سيدي اعليٰ حضرت، امام اهلسنت شاھ امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه بَحرُ الرَّائِق جي حوالي سان لکن ٿا: تَنْجِیْسُ الطَّاہِرِ فَحَرَامٌ  يعني پاڪ شيء کي ناپاڪ ڪرڻ حرام آهي۔([3])

کپڑے میں رکھوں صاف تُو دِل کو مرے کر صاف      مولیٰ تُو مدینہ مرے سینے کو بنا دے

اخلاق ہوں اچھے، مرا کردار ہو ستھرا محبوب کا صدقہ تُو مجھے نیک بنا دے([4])

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

الله پاڪ پاڪيزه ماڻهن کي پسند فرمائي ٿو

سيپاري: 2، سوره بقره، آيت: 222 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:


 

 



[1]... سنن الدار قطنی، کتاب: الطہارۃ، جلد: 1، صفحہ: 98، حدیث: 458۔

[2]... موسوعۃ ابن ابی الدنیا، کتاب: الغيبة والنميمة، جلد: 4، صفحہ: 355، حدیث: 52۔

[3]... فتاوٰی رضویہ، جلد: 4، صفحہ: 585۔

[4]... وسائلِ بخشش، صفحہ: 114-115 ملتقطاً۔