Book Name:Safai Suthrai

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَاف

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا اسلامي ڀائرو! نَوَیْتُ سُنَّتَ الْاِعْتِکَاف جي معني آهي: مون سُنَّت اعتڪاف جي نيت ڪئي۔ نيت دِل جي ارادي جو نالو آهي، لهٰذا جڏهن به مَسجِد ۾ حاضِري ٿئي، هر ڀيري ياد سان، دِل ۾ ارادو رکي عربي، (سنڌي) يا ڪنهن به ٻولي ۾ اعتڪاف جي نيت ڪرڻ گھرجي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جيستائين مسجد ۾ رهنداسين، نفل اعتڪاف جو ثواب به ملندو رهندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره شرعي طور جائِز ناهي، اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو ته اهي ڪم به جائِز ٿي ويندا۔

درودِ پاڪ جي فضيلت

حضرت محمد بن سعيد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون درودِ پاڪ جو هڪ تعداد مقرر ڪري رکيو هو ۽ روزانو ايتري تعداد ۾ درود شريف پڙھي سمهندو هئس، الحمدلله! درودِ پاڪ جي برڪت سان هڪ ڏينهن مون تي ڪرم ٿي ويو، مان ستو پيو هئس ته قسمت چمڪي پئي، مون ڏٺو ته منهنجا پيارا آقا، حبيبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اسان جي گھر، منهنجي ڪمري ۾ تشريف فرما ٿيا آهن، الله اَڪبَر! نُورِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي چمڪ ڌمڪ سان پُورو ڪمرو جڳمڳائجي ويو۔